Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه علم ۽ فضل ۾ پنهنجي زماني جي سڀني عالمن ۽ مشائخن کان  بزرڳي ۽ عظمت ماڻي ويا۔

غوثِ اعظم جو حُليو ۽   پڻ مان  ،مرتبو

شَيخ امام اَبُو عَبدُالله بن اَحمد بن قُدَامَه رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا: شَيخُ الاسلَام، سُلطَانُ الاولِياء، مُـحي الدِّين، سَيد عَبدُالقَادِر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه عِلم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ڪيون_ پاڻ وقت جي ڪئي عالمن ۽ زماني جي مَشائخن وٽان عِلم پرايو۔ وقت جي مَشَائخن ۽ اَولِيائن جي صحبتن ۾ رهيا۔ جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته پاڻ پنهنجي زماني جي عالمن ۽ مشائخن ۾ سڀ کان وڏي مرتبي تي فَائز ٿيا۔ تَحصِيلِ عِلم جي لاءِ پاڻ ڪيئي تڪليفون ۽ مَصيبتون برداشت ڪيون۔ آخرِڪار اوهان دُنيوي مُعَاملن کان لاتَعَلُّق ٿي يادِ الٰهي ۽ وَعظ و نصيحت ۾ مشغول ٿي ويا_ سڄي زماني ۾ اوهان جي واکاڻ ٿيڻ لڳي، دِين جا مَنصب پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي وجه سان ظاهر ٿي ويا، عِلم جا مَرتبا اوهان جي سبب بُلَند ٿيڻ لڳا ۽ شريعت جا لشڪر اوهان جي ڪري طاقتور ٿيڻ لڳا. عالمن جو وڏو تعداد پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه ڏانهن رُجُوع ڪيو ۽ سندن کان شاگردي جو شَرَف حاصل ڪيو، ڪيئي فُقَرَا، وڏن وڏن عالمن ۽ بلند رتبي وارا پيرانِ عُظام به اوهان کان خِلَافَت جو خرقو حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو۔ (نزہۃ الخاطرالفاتر ، ص۱۹،۲۰ملخصاً)

تِرا ذَرّہ مَہِ کامل ہے یاغَوْث

 

تِرا قَطرہ یَمِ سائل ہے یاغَوْث

کوئی سَالِک ہے یا وَاصِل ہے یاغوث

 

وہ کچھ بھی ہو تِرا سائل ہے یاغَوْث

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 علمي مقام