Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

حضرت سَيدُناشيخ محمد بن يحييٰ التادفي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته جڏهن پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه عِلمِ دِين کان فراغت حاصل ڪري ورتي ته درس ۽ تدريس جي مَسنَد ۽ اِفتاء جي منصب تي جلوه افروز ٿيا ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻهن کي وعظ ۽ نصيحت ۽ علم ۽ عمل جي اشاعت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا، پوءِ سڄي دُنيا کان عُلماء ۽ صُلحاء سندن بارگاھ ۾ علم سکڻ جي لاءِ حاضر ٿيندا هئا، ان وقت بغداد ۾ سندن مرتبي جو ڪو نه هو۔ (قلائد الجواہر ص ۵ملخصاً) اوهان علم جا سمنڊ هئا، سندن کي عِلمِ فقه، عِلمِ حديث، عِلمِ تفسير، عِلمِ نَحو ۽ عِلمِ ادب وغيره عُلوم تي دسترس حاصل هئي، جڏهن پاڻ کي سندن استادن عِلمِ حديث جي سَنَد ڏني ته فرمائڻ لڳا، اي عبدُالقادر الفاظِ حديث جي سَنَد ته اسان اوهان کي ڏئي رهيا آهيون پر حقيقت هي آهي ته حديث جي معني ۽ مفهوم جو سمجھڻ ته اسان اوهان ئي کان سکيو آهي۔ (حیات المعظم فی مناقب غوث اعظم ص ۴۶ بتغیر قلیل)

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُضُور غوث ِپاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کي عِلمِ دِين ڦهلائڻ جو ايتري قدر ذَوق ۽ شوق هو جو پاڻ پنهنجو وقت بالڪل ضائع نه فرمايندا هئا ۽ علمي ڪمن ئي ۾ اڪثر مصروف رهندا هئا، ٻين شهرن جا شاگرد به اوهان جي ساراھ ۽ عُلوم ۽ فُنون ۾ مهارت جي شهرت ٻڌي اوهان وٽ عِلمِ دين حاصل ڪرڻ ۽ اوهان جي فيض مان برڪتون ماڻڻ جي لاءِحاضر ٿيندا رهيا، اوهان علم ۽ عمل جا اهڙا پيڪر هئاجو جيڪو به اوهان وٽ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيندو هو، هو خالي هٿ نه موٽندو هو، اچو!پاڻ...... جي علم ۽ عمل ۽ درس ۽ تدريس جون خوبيون ۽ علمي خدمتن جي باري ۾ ٻڌون ٿا،

مَسنَدِ تَدرِيس