Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

حضرت سَيدُنا قاضي ابو سعيد مُبارَڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جو بغداد ۾ هڪ مدرسو هو، هو ان ۾ وعظ ۽ نصيحت ۽ علم حاصل ڪرڻ وارن کي علم سيکاريندو هو، جڏهن قاضي صاحب کي سندن علمي ۽ عملي فضل ۽ ڪمالات ۽ فهم ۽ فراست جي خبر پئي ته قاضي صاحب پنهنجو مدرسو پاڻ.......... جي حوالي ڪري ڇڏيو، پوءِ جڏهن ماڻهن اوهان جي فضل ۽ڪمال ۽ علمي مهارت جي شهرت ٻڌي ته ماڻهن جو وڏو تعداد اوهان جي بارگاھ ۾ عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيڻ لڳو۔ (سیرت غوث اعظم ص ۵۸ ملخصاً)

تيرهن (13) عُلوم تي دسترس

      صاحبِ بَهۡجَةُ الاَسرار حضرت علامه نورُ الدّين ابُوالحسن علي شَطنُوفي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه تيرهن (13) علوم ۾ بيان ڪرڻ فرمائيندا هئا، سندن مدرسه عاليه ۾ ماڻهو اوهان کان تفسير، حديث، فِقه ۽ عِلمُ الڪلام وغيره پڙھندا هئا، ٻنپهرن کان پهريان ۽ بعد ٻئي وقت ماڻهن کي تفسير، حديث، فِقه، ڪلام، اُصول ۽ نَحو پڙھائيندا هئا ۽ ظهر کان پوءِ سندن تجويد ۽ قرات سان قرآنِ ڪريم پڙھائيندا هئا۔ (بہجۃالاسرار، ص۲۲۵ ملخصاً)

شاگردن سان محبت

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه علم ۽ عمل جا پيڪر ۽ زبردست حُسنِ اَخلاق جا مالڪ هئا، اوهان شاگردن تي نهايت شفقت ڪندا هئا، انهن جي ننڍين ننڍين ضرورتن جو  به خيال رکندا هئا جيئن ته

طالبِ علم جي علم جي راھه ۾ مدد

امام اِبنِ قُدَامَه حنبلي رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي بارگاھ ۾ حضرت سَيدُنا غَوثُ