Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

الاعظم، شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي باري ۾ سُوال ڪيو ويو ته پاڻ جواب ڏنو ته اسان سندن جي عمر جو آخري حصو ڏٺو ۽ اوهان جي مدرسي ۾ مقيم رهياسين ، اسان جو اهڙي طرح خيال رکيو ويندو هو جو ڪڏهن غوثِ اعظم رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه پنهنجي شهزادي حضرت سَيدُنا يحييٰ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کي اسان ڏانهن موڪليندا هئا، اهي اسان لاءِ چراغ روشن ڪندا هئا ۽ پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه اسان لاءِ پنهنجي گھران کاڌو موڪليندا هئا۔ ( سير اعلام النبلاء،الشيخ عبد القادربن ابي صالح ،۱۵/۱۸۳)

 

 

تِرے دَر سے ہے منگتوں کا گُزارا یا شہِ بغداد

 

یہ سُن کر میں نے بھی دامن پَسارا یا شہِ بغداد

شَہا!خَیرات لینے کو سلاطینِ زمانہ نے

 

تِرے دَربار میں دامن پَسارا یا شہِ بغداد

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه علمِ دين سکڻ واري شاگردن تي ڪيتري شفقت فرمائيندا هئا جو انهن جي لاءِ پنهنجي گھران کاڌو موڪليندا هئا، تنهنڪري اسان کي به کپي ته دِيني شاگردن جي ضرورتن جو پنهنجي پنهنجي استطاعت مطابق خُوب خُوب خيال رکندا ڪريون، مثال طور جنهن کان ٿئي خاص ڪري غريب طلبه ڪرام جي لاءِ دِيني ڪتاب، ڪپڙا، موسِم جي لحاظ کان رهائش جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ رِضاء اِلٰهي ۽ ٻين سٺين سٺين نيتن سان پنهنجو حصو ملائي دِين جي مدد ڪرڻ وارن جي صف ۾ اسان به شامل ٿي وڃون، ڇا خبر ته هن نيڪ عمل جي برڪت سان اسان جو پاڪ پروردگار عَزَّوَجَلَّ اسان کان سدا جي لاءِ راضي ٿي وڃي، ڇا خبر ته هن نيڪ عمل جي برڪت سان اسان کي حتمي بخشش جو پروانو ملي وڃي، ڏسو! جهڙي طرح اسان پنهنجن ٻارن کي سٺي کان سٺو کاڌو کارائڻ پسند