Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

ڪيون ٿا، سٺي کان سٺو لباس پهريندي ڏسڻ پسند ڪندا آهيون، ٿورو سوچيو! سردي جي موسم ۾ اسان پنهنجن ٻارن جو ڪيترو خيال رکندا آهيون ته ڪٿي منهنجي پياري کي سردي نه لڳي وڃي، منهنجي پٽ جي طبيعت ته اهڙي آهي جو نه ئي ٿوري ٿڌي هوا برداشت ڪري سگھي ٿو، نه ئي گرم هوا جو هلڪو جھونڪو، اهڙي طرح علمِ دِين حاصل ڪرڻ واري طلبه ڪرام جي لاءِ به غور ڪريون ته انهن کي به ڪيئي بنيادي زندگي جي ضرورتون هونديون جيڪي هر هنڌ آساني سان دَستياب نه ٿينديون هونديون۔

      اڄ اسان جنهن حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي وڏي يارهين شريف ملهائي رهيا آهيون، انهن جودِيني طلباء ڪِرام تي شفقت جو هڪ پهلو هي به هو ته پاڻ انهن جي ڪمزورين کي نظر انداز ڪندا هئا، جيئن ته حضرت سَيدُنا شيخ احمد بن مُبارَڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه وٽ هڪ عجمي طالبِ علم هو، اهو نهايت ئي گھٽ ذهن وارو هو، وڏي مشڪل سان ڪا شيء ان کي سمجھ ايندي هئي، هڪ دفعي اهو طالبِ علم اوهان وٽ ويهي سبق پڙھي رهيو هو ته ابنِ سَمحَل نالي هڪ شخص حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي زيارت جي لاءِ حاضر ٿيو، جڏهن ان هن طالبِ علم جي ڪند ذهني ۽ سندن جي ان جي ڪند ذهني تي صبر ۽ تَحَمُّل ڏٺو ته ان کي ڏاڍي حيرت ٿي، جڏهن اهو طالبِ علم اتان کان هليو ويو ته ابنِ سَمحَل عرض ڪيو ته ان طالبِ علم جي ڪند ذهني ۽ اوهان جي صبر تي مون کي حيرت آهي، پاڻ فرمايائون ته منهنجي محنت ان سان بس هڪ هفتي کان به گھٽ آهي ڇوته ان طالبِ علم جو انتقال ٿي ويندو۔

      حضرت سَيدُنا احمد بن مُبارَڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته ان ڏينهنن کان اسان ان طالبِ علم جا ڏينهن ڳڻڻ شُروع ڪيا ۽ جڏهن هڪ هفتو پورو ٿيو ته آخري ڏينهن واقعي ان جو انتقال ٿي ويو۔  (قلائد الجواہر ص ۸ ملخصاً)