Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

فتويٰ نويسي جا بادشاھ

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ائين ته حُضُور غوثِ پاڪرَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه درس ۽ تدريس، تصنيف ۽تاليف ،وعظ و نصيحت ۽ ان جي علاوه مختلف علمي شعبن ۾ انتهائي مهارت رکندا هئا، پر خاص طور تي فتويٰ نويسي ۾ ته اوهان کي اهو ڪمال حاصل هو جو ان دور جا وڏا وڏا عالم، فقيه ۽ مفتي سڳورا به سندن جي لَاجواب فتوائن کان حيران ٿي ويندا هئا۔

      شيخ امام مُوَفَّقُ الدِّين بن قُدامَه رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته اسان 561 هجري ۾ بغداد شريف وياسين ته اسان ڏٺو ته شيخ سَيد عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه انهن مان آهن جنهن کي هتي علم ۽عمل ۽ فتويٰ نويسي جي بادشاهت ڏني وئي آهي۔ (بہجۃالاسرار،ص۲۲۵) سندن عِلمي مهارت جو اهو عالم هو جو جيڪڏهن اوهان کان اِنتهائي مشڪل مسئلا به پڇيا ويندا هئا ته پاڻ انهن مسئلن جو نهايت آسان ۽ عُمده جواب ڏيندا هئا، سندن درس ۽ تدريس ۽ فتويٰ نويسي ۾ تقريباً (33) سال دينِ متين جي خدمت سرانجام ڏني ، ان دوران جڏهن اوهان جون فتوائون عراق جي عالمن وٽ آنديون ويون ته اهي اوهان جي جواب تي حيرت زده رهجي ويندا هئا۔

      اما م ابُويعليٰ نجمُ الدِّين رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته حضرت شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه عراق ۾ فتويٰ جي لحاظ کان نهايت مشهور هئا ۽ ماڻهو فتوائن جي لاءِ اوهان ڏانهن ايندا هئا۔ (بہجۃالاسرار ص ۲۲۵ملتقطا و ملخصاً) اچو! انهيء مُناسبت سان سندن جي علمي مهارت جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

مشڪل مسئلي جو آسان جواب

حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جا صاحبزادا حضرت سَيدُنا عبدُ الرزّاق