Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي بارگاھ ۾ سوال موڪليو ويو ته هڪ شخص ٽن (3) طلاقن جو قَسَم اهڙي طرح کنيو ته هو الله عَزَّوَجَلَّ جي اهڙي عبادت ڪندو، جيڪو ان وقت سڄي زمين تي ڪو ٻيو شخص نه ڪري رهيو هوندو، جيڪڏهن اهو ائين نه ڪري سگھيو ته ان جي گھر واريء کي 3 طلاقون، جڏهن سندن جي بارگاھ ۾ اهو مسئلو پيش ڪيو ويو ۽ پڇيو ويو ته هو شخص ڇا ڪري ۽ ڪهڙي اهڙي عبادت ڪري جو ان جي زال طلاقن کان بچي وڃي ۽ قسم به نه ٽُٽي؟ ته پاڻ هڪدم ان جو جواب ڏيندي ارشاد فرمايائون: ته هي شخص مڪي شريف وڃي ۽ طواف جي جڳھ کي خالي ڪرائي اڪيلو طواف ڪري، ان جي قسم به پوري ٿيندي ۽ ان جي زال کي طلاق به نه ٿيندي، اوهان جي هن جواب سان عالم سڳورا حيران رهجي ويا۔

 (بهجة الاسرار، ص۲۲۶ملخصاً)

علومِ مصطفے ٰ و مُرتضےٰ کے

 

تمہِیں پر ہیں کھُلے اَسرار یاغوث

(قبالۂ بخشش )

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ظاهري ۽ باطني وصفن جا جامع

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان حُضُور غوثِ اعظم رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي انتهائي ذهانت ۽ علمي مهارت جي خبر پئي ٿي، جنهن علماء ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام کي به حيران ڪري ڇڏيو، هتي مان هڪ شرعي مسئلي ڏانهن به توجه ڏياريان ٿو ته بدقسمتي سان اسان جي مُعاشري ۾ طلاق ڏيڻ جي مُعاملي ۾ انتهائي غلط طريقو رائج ٿي چڪو آهي ۽ اهو هي ته جيڪڏهن خدانخواسته طلاق ڏيڻ جي نوبت اچي ٿي ته هڪ ئي وقت ٽئي طلاقون ڏنيون وينديون آهن جڏهن ته