Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

جڏهن ته الله عَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها قَناعَت جي مَدَني دَولَت سان مالا مال هوندا آهن، انهن جي نَظَر دَولَتمَندن جي فاني مال تي نه بلڪ رَحمتِ رَبِّ ذُوالجَلَال تي هوندي آهي۔

جڏهن ته اسان پنهنجي حَالَت تي غَور ڪيون ته اسان جي اَڪثَرِيت دُنيا تي فدا ۽ آخِرت جي فڪر کان خالي نَظَر اچي ٿي، اسان جون سموريون تَوَانائيون دُنيوِي زِندَگي بهتر بنائڻ جي فِڪر ۾ صَرف ٿي رهيون آهن اسان فاني دُنيا جي لَذَّتن ۾ ايتري قَدر مُستَغرَق (يعني غرق) ٿي چُڪا آهيون جو اوچتي مَوت اچڻ، قَبر جي اونڌاهي ۾ اڪيلو رهڻ، مُنڪر نَڪير جي سُوَالن جا جواب ڏيڻ کان بلڪل غافِل ٿي چُڪا آهيون۔ اچو! دُنيا جي مَحَبَّت پنهنجي دل مان ڪڍڻ جي لاءِ دُنيا جي مَذَمَّت تي ٽي (3) فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.       اَلدُّنْيا مَلْعُوْنَۃٌ،مَلْعُوْنٌ مَافِيھَااِلَّامَاکانَ لِلّٰه مِنْھَا يعني دُنيا ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ آهي مَلعُون (يعني مَردُود) آهي پر ان مان جيڪو الله عَزَّ وَجَلَّ  جي لاءِ هجي۔

(مراسیل ابی داؤد، باب فی سب الدنیا،ص۲۰)

2.       حُبُّ الدُّنْيا رَأسُ کلِّ خَطِيئَۃٍ يعني دُنيا جي مَحَبَّت هر گُناھ جي جڙ آهي۔

(موسوعۃ لابن ابی الدنیا،کتاب ذم الدنیا،الجزء الاوّل، الحدیث۹،ج۵،ص۲۲)

3.        ياعَجَبًا کلَّ الْعَجَبِ لِلْمُصَدِّقِ بِدَارِ الْخُلُوْدِ وَھُوَ يسْعٰي لِدَارِ الْغُرُوْرِ يعني ان شَخص تي نهايت تَعَجُّب آهي جيڪو هميشه جي گھر (يعني آخِرَت) جي تَصدِيق ڪري ٿو جڏهن ته اهو ڌوڪي واري گھر( يعني دُنيا) جي لاءِ ڪوشِش ڪري رهيو هوندو آهي۔ (مصنف ابن ابی شیبۃ، کتاب الزھد، باب ما ذکر عن نبینافی الزھد، ۸/۱۳۳، حدیث۶۱)

دُنيا جي مَحَبَّت مان پيڇو ڇڏائڻ جي لاءِ ان طرح غَور۽فِڪر ڪيو ته هن دُنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا مالدار ماڻهو آيا، جيڪي دَولَت ۽ حُڪومَت، جاهه و