Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

اسان جا مرشد غوثُ الاعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه آهن جو پاڻ سخت تنگدستي ۽ بُکَ هجڻ جي باوجود غذا ۽ رقم جي معاملي ۾ بيمثال ايثار کان ڪم ورتو آهي جڏهن ته غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي عقيدت جو دم ڀرڻ وارا نالائق مريد آهن جو بکايل رهڻ جي توفيق ته پري جي ڳالهه آهي پر بالفرض يارهين شريف جي نياز جي برياني ئي سامهون اچي ته حِرصَ جو اهڙو غلبو طاري ٿي ويندو آهي جو دل چاهيندي آهي ته پورو ٿال مان ئي کائي وٺان، ٻوٽي ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪنهن کي چانورن جو داڻو به نه ملي! اي عاشقان غوث اعظم! اوهان کي جڏهن ٻين سان ملي کائڻ جو اتفاق ٿئي ته وڏا وڏا گرهه بنا چٻاڙي جلد جلد کائڻ ۽ سٺيون ٻوٽيون پاڻ ڏانهن ڪرڻ جو حِرصَ غالب اچي ته ان وقت پنهنجي مرشد غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي بيان ڪيل حڪايت سان گڏوگڏ هي فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به ذهن ۾ دُهرايو: جيڪو شخص اهڙي شيء جنهن جي پاڻ کي حاجت آهي، اها ٻين کي ڏي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان کي بخشي ڇڏيندو آهي. (اتحاف السادة للزبيدي ج 9 ص 779) فيضانِ سنت جلد پهرين صفحي 468 تي حضرت سيّدنا ابو سُليمان رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جو عطا ڪيل هي مدني گل به قبول فرمايو: نفس جي ڪنهن خواهش کي ڇڏڻ 12 مهينن جي روزن ۽ رات جي عبادتن کان وڌيڪ دل جي لاءِ فائديمند آهي.(اِحياءُ العلوم ج۳ ص ۱۱۸دارصادربيروت)

مِری حِرْص کی عادتِ بَد مِٹا دے

مِرے غَوث کا واسِطَہ یااِلٰہی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري غَوثِ اَعظم رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ عِبادت ۽ رِياضَت، وِلايت ۽ ڪرَامَت ۾ ته يڪتَاءِ روزگار هئا ئي پاڻ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ زُهد ۽ تَقوٰي ۾ به باڪمَال هئا، دُنيوِي مال ودَولَت جا خَواهش مَند بِالڪل نه هئا جيڪڏهن ڪو مَالدَار شَخص اوهان کي مال ودَولَت پيش ڪندو هو ته پاڻ قَبُول نه ڪندا هئا، جيئن