Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

حَشمَت، اَهل و عِيال جي عارِضي محبت، دوستن جي وَقتي مُصَاحَبَت ۽ خادمن جي خُوشَامَدَانه خِدمت جي ڀرم ۾ قَبر جي تَنهائي کي وساري ويٺا هئا، پر هاء اوچتو فَنا جا بادَل آيا، مَوت جي آنڌي هلِي ۽ دُنيا ۾ دير تائين رهڻ جون انهن جون اُمِّيدون خاڪ ۾ مِلي رهجي ويون، انهن جا مَسَرَّتن ۽ شادمانين وارا مرڪندڙ گھر مَوت وِيران ڪري ڇڏيا۔ روشنين سان جڳمڳ ڪندڙ مَحَلّن ۽ بنگلن مان کڻي انهن کي گُھپ اونداھي وارين قبرن ۾ مُنتَقِل ڪيو ويو۔ هاءِ! اهي ماڻهو ڪل تائين اَهل وعِيال جي رونقن ۾ شادمان ۽ مَسرُورهئا ۽ اڄ قبرن جي وَحشَتن ۽ تَنهائين ۾ غمگين ۽ رَنج ۾ هوندا۔ اهڙي طرح ذِهن بڻائڻ سان به دُنيا جي مَحَبَّت دِل مان نِڪري ويندي ۽ تَوَڪل ۽ قَنَاعَت جي دَولَت نَصيب ٿيندي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

اَجَل نے نہ کِسریٰ ہی چھوڑا نہ دارا

 

ہر اِک لیکے کِیا کِیا نہ حَسْرَت سِدھارا

اِسی سے سِکَنْدَر سا فاتِح بھی ہارا

 

پڑا رِہ گیا سب یُونہی ٹھاٹھ سارا

جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے

 

یہ عِبْرَت کی جاہے تَماشا نہیں ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حضرت اِبنِ نَجَّار بَغدادي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جو بَيان آهي ته حضرت شَيخ مُحِي الدِّين عبدُالقادِر (جِيلاني ) رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ فرمايائون ته جڏهن منهنجي گھر ۾ ڪو ٻار پيدا ٿيندو هوته مان ان کي پنهنجي هٿن تي کڻي چوندو هئس، هي مَشِييت الٰهي(الله عَزَّوَجَلَّ جي مَرضِي) آهي۔ ۽ جڏهن ڪو ٻار مرندو هو ته مون تي ڪجھ اثر نه ٿيندو هو، ڇوته پيدائش ٿيڻ تي ئي مان ان جي مَحَبَّت پنهنجي دل مان ڪڍي وٺندو هئس، پاڻ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ جا پٽ نياڻيون مَجلسِ وَعظ واري رات اِنتِقال ڪري ويندا هئا پر غوثِ پاڪ  مَجلِس کي ختم نه ڪندا هئا، غسل ڏيندڙ مَيّت کي غُسل ڏئي جڏهن غُسل مان فارِغ ٿيندا هئا ته مَيت کي مَجلِس