Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

زُهد ۽ پرهيزگاري

شَيخ ابُو العَبَّاس خِضَر بِن عبدُالله حُسَينِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه بَيان ڪن ٿا ته هڪ رات اسان بَغداد ۾ سَيدُنا شَيخ مُحِي الدِّين عبدُالقادِر رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ جي مَدرَسي ۾ هئاسين، هڪ خَلِيفو اوهان جي خِدمَت ۾ آيو ۽ سَلام کان پوءِ عَرض ڪيو ته مون کي ڪجھ نَصِيحَت فرمايو ۽ مال ۽ زَر جون ڏھ (10) ڳوٿريون پيش ڪيون، جن کي خادِم کنيون بيٺا هئا، غوث پاڪ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ فرمايائون: مون کي انهن ڳوٿرين جي ضَرُورَت نه هئي پر خَلِيفي واپس وٺڻ کان اِنڪار ڪيو ۽ اوهان تي زور ڀريو، پاڻ هڪ ڳوٿري پنهنجي ساڄي هٿ ۾ کنئي ۽ ٻي کاٻي ۾ ۽ ٻنهي کي دَٻائي نچوڙيو ته ان مان رت وهڻ لڳو، پوءِ اوهان ان خَلِيفي کي فرمايو: ڇا تون الله عَزَّوَجَلَّ کان حياء نٿو ڪرين ته ماڻهن جو رت کڻي مون وٽ آيو آهين؟ هي ٻڌي هو بيهوش ٿي ويو، پاڻ فرمايائون: مَعبُود حقيقي جي عِزّت جي قسم! جيڪڏهن رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي رشتي جي حُرمَت نه هجي ها ته مان ان رت کي ان جي گھر تائين وهڻ ڏيان هئا۔

                                   (بهجۃالاسرار،ذڪر شي من شرائف اخلاقه،ص۱۲۰)

ڏياريو جنّت

غوثِ پاڪ

ڏيو بدين کان نفرت

غوثِ پاڪ

ڏيوشوقِ عبادت

غوثِ پاڪ

سرڪار جي اُلفت

غوثِ پاڪ

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته! الله عَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها دُنيوِي مال ۽ دَولَت کان بي رَغبَت هوندا هئا تڏهن ته حُضُور غَوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ ان خَلِيفي جي دَولَت ٺُڪرائي ڇڏي ۽ ان جي مرتبي جو لِحَاظ نه ڪندي ان کي اِصلاح جي مَدَني گلن سان به نَوازيائون۔ دَولَتمَندن جي خُوشامَدي اهي ڪندا آهن جنهن کي انهن کان دُنيا جي ذِليل دَولَت حاصل ڪرڻ جي هوَس هوندي آهي