Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

۾ کڻي ايندا هئا ۽ پاڻ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ ڪرسِي تان لهي جَنازي نماز پَڙھائيندا هئا۔

(سيرتِ غوث الثقلين،ص۸۳) 

الله جي رحمت

غوثِ پاڪ

ٿئي اسان تي عنايت

غوثِ پاڪ

آهن باعثِ برڪت

غوثِ پاڪ

ڪمزور جي طاقت

غوثِ پاڪ

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته اسان جا غَوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا تي رَاضِي رهڻ وارا ڪيتري قَدر صبر ۽ شڪر ڪندڙ هئا جو جيڪڏهن پاڻ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ جي اولاد مان ڪنهن جو اِنتِقَال ٿي ويندو هو ته شِڪوه شِڪايات زَبان تي هرگز نه آڻيندا هئا بلڪ صَبر سان ڪم وٺندا هئا، ان جي بَرعَڪس ڪي ماڻهو اهڙا بي صَبرا هوندا آهن جو انهن تي ٿورڙي مُصِيبَت يا پريشاني جي گھڙي آئي ته اهي ڪاوڙ ۾ اچي شِڪوه ،شِڪايت ڪندا ۽ ماڻهن اڳيان پنهنجي پريشاني ٻڌائيندي نَظَر ايندا آهن ايستائين جو مَعاذَالله ثُمّ مَعاذَ الله، الله تعاليٰ جي ذات تي اِعتِرَاض به ڪندا آهن جڏهن ته الله عَزَّوَجَلَّ جي ذات تي اِعتِراض ڪرڻ ڪفر آهي۔ تنهنڪري جڏهن ڪا مُصِيبَت پهچي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا ۾ رَاضِي رهندي صَبر سان ڪم وٺڻ گھرجي جو صَبر ڪرڻ وارن کي الله عَزَّوَجَلَّ پسند فرمائي ٿو جڏهن ته قُرآنِ ڪريم ۾ صَبر ڪرڻ وارن جا فضائل بيان ڪيا ويا آهن، جيئن سيپاري 14سُوْرَۃُ النَّحْل آيت نمبر 96 ۾ اِرشاد آهي:

وَ لَنَجۡزِیَنَّ الَّذِیۡنَ صَبَرُوۡۤا اَجۡرَہُمۡ بِاَحۡسَنِ مَا  کَانُوۡا یَعۡمَلُوۡنَ ﴿۹۶﴾ (پ۱۴،النحل:۹۶)

 

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ ضرور اسان صبر ڪرڻ وارن کي اهو صلو ڏيندا سي جيڪو انهن جي سڀ کان چڱي ڪم جي لائق هجي.

اهڙي طرح سيپاري 23سُوْرَۃُ الزُّمُر آيت نمبر10 ۾ اِرشادِ باري تعاليٰ آهي :