Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

اِنَّمَا یُوَفَّی الصّٰبِرُوۡنَ  اَجۡرَہُمۡ بِغَیۡرِ حِسَابٍ ﴿۱۰﴾ (پ۲۳،الزمر:۱۰)

 

ترجمو ڪنزالايمان: صبر ڪرڻ وارن کي  سندن ثواب ڀرپور ڏنو ويندو بغير حساب جي.

ياد رکو! الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجن ٻانهن تي مصيبتون نازِل ڪري انهن کي آزمائيندو آهي ته منهنجا ٻانها صِرف خُوشحالي ۾ ئي منهنجو شُڪر ادا ڪن ٿا يا مُصِيبَت جي وَقت به صَبر ڪندي منهنجي رِضا تي راضِي رهڻ کي پسند ڪن ٿا يا نه؟ هي به ياد رکو ته رَبُّ الاَنام عَزَّوَجَلَّ جي هر ڪم ۾ هزارين حِڪمتون پوشِيده هونديون آهن جيڪي اسان نٿا ڄاڻي سگھون۔

 مَنقُول آهي ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو: جڏهن مان ڪنهن ٻانهي تي رَحم فرمائڻ چاهيندو آهيان ته ان جي بُرائي جو بَدلو دُنيا ئي ۾ ڏيندو آهيان، ڪڏهن بيماري سان، ڪڏهن گھر وارن ۾ مُصِيبَت وجھي، ڪڏهن تنگي مَعاش سان پوءِ به جيڪڏهن ڪجھ بچندو آهي ته مرڻ وقت ان تي سَختي ڪيان ٿو ايستائين جو جڏهن هو مون سان مُلاقات ڪندو آهي ته گُناهن کان اهڙو پاڪ هوندو آهي جيئن ته ان ڏينهن هو جنهن ڏينهن ان جي امڙ ان کي ڄڻيو هو، ۽ مون کي پنهنجي عِزَّت ۽ جَلال جو قَسَم! مان جنهن ٻانهي کي عَذاب ڏيڻ جو اِرادو رکان ٿو ان جي هر نيڪي جو بَدلو دُنيا ئي ۾ ڏيان ٿو، ڪڏهن جِسم جي صِحَّت سان، ڪڏهن رِزق جي گھڻائي سان، ڪڏهن اَهل ۽ عِيال جي خُوشحالي سان پوءِ به جيڪڏهن ڪجھ رهجي ويندو آهي ته مرڻ وَقت ان تي آساني ڪئي ويندي آهي ايستائين جو جڏهن مون سان ملندو آهي ته ان جي نيڪين مان ڪجھ به نه رهيو جو هو جَهنَّم جي باھ کان بَچي سگھي۔ (شرح الصدور،باب من دنا اجله وكيفية الموت، ص ۲۸)

خوف دوزخ کا آہ رحمت ہو

میرا نازک بدن جہنّم سے

 

  خاکِ طیبہ کا واسطہ یاربّ

از طفیلِ رضا بچا یاربّ

(وسائلِ بخشش،ص۸۰)