Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

آسائشن تي خوش نه ٿيو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَعلُوم ٿيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ گاڏي، بَنْگْلو، دَولَت، صِحَّت ۽ طرح طرح جون نِعمتون مَوجُود آهن ته ان کي ان تي غُرُور نه ڪرڻ گھرجي بلڪ ڊڄڻ گھرجي ته ڪٿي ائين ته نه آهي جو الله عَزَّ وَجَلَّ مون کي دنيا ئي ۾ منهنجي نيڪين جو صِلو ڏئي ڇڏيو ۽ گُناهن جي سَبَب آخِرَت ۾ منهنجي لاءِ دَردناڪ عذاب تَيار هجي۔ اهڙي طرح بيماري، غُربَت يا جان، مال ۽ اَولَاد تي ايندڙ آفَت ۽ مُصِيبَت تي هي سوچي صَبر ڪرڻ کپي ته ٿي سگھي ٿو ته مُصِيبَت آخِرَت جي راحَت ساماني جو پيش خيمه هجي۔

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي مُصِيبَت تي شِڪوه شِڪايات ڪرڻ بدران پنهنجي رِضا تي راضِي رهندي صَبر جي عظيم نعمت عطا فرمائي۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

مُشکلوں میں دے صبر کی توفیق

اپنے غم میں فقط گُھلا یا  ربّ

                                       (وسائلِ بخشش،ص۸۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جا غَوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جتي پاڻ مصيبتن تي صَبر ۽ شُڪر ڪرڻ وارا ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا تي راضِي رهڻ وارا هئا اتي غَرِيب ۽ تنگ دَست ماڻهن جي مَدَد ڪرڻ جو جَذبو به پاڻ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جي پاڪيزه ڪردار جو حِصّو هو، پاڻ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جو عالَم هي هو ته ڪڏهن ڪنهن سوالي جو سُوَال رَدّ نه ڪندا هئا چاهي پنهنجو ئي ڪپڙو ڏيڻو پوي۔ پاڻ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ فرمائيندا هئا ته مون سمورن عملن جي تَفتِيش ڪئي، انهن ۾ کاڌو کارائڻ کان