Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

اَفضل ڪو عَمَل نه ڏٺو۔ ڪاش! منهنجي هٿ ۾ هجي هئا ته بکايلن کي ڪو کاڌو کارايان هئا۔ (قلائد الجواهر ،ص۳۷) اهڙي طرح شَيخ عبدُالله جبائي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه بيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيري حُضُور غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ مون کي ارشاد فرمايائون ته مون وٽ بکايلن کي کاڌو کارائڻ ۽ ماڻهن سان حُسنِ اخلاق سان پيش اچڻ ڪامل ۽ وڌيڪ فضيلت وارا عمل آهن۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: منهنجي هٿ ۾ پيسو ناهي رڪندو، جيڪڏهن صُبح جو مون وٽ هزار (1000) دينار اچن ته شام تائين انهن مان هڪ پيسو به نه بچندو غريبن ۽ مُحتاجن ۾ ورهائي ڇڏيان ۽ بکايل ماڻهن کي کاڌو کارائي ڇڏيان۔ (قلائدالجواهر ،ص۸ ملخصاً)

تِرے در سے ہے منگتوں کا گزارا یاشہِ بغداد

مِری قسمت کا چمکا دو ستارہ یاشہِ بغداد

غمِ شاہ مدینہ مجھ کو تم ایسا عطا کر دو

مجھے اچھا بنا دو مُرشِدی بے شک یقیناً ہیں

 

 یہ سُن کر میں نے بھی دامن پسارا یاشہِ بغداد

دِکھا دو اپنا چہرہ پیارا پیارا یاشہِ بغداد

جگر ٹکڑے ہو دل بھی پارہ پارہ یاشہِ بغداد

مِرے حالات تم پر آشکارا یاشہِ بغداد

اچو! حضورغوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جي سخاوت ۽ غريبن جي مدد جي باري ۾ هڪ نهايت پياري حڪايت ٻڌون ٿا جيئن

هي سڀ ان رات جي برڪت آهي

حضور غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰی عَنْهُ جي صاحَبزادَي حضرت شيخ سيد عبدالرزاق قادري رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جو بيان آهي ته جڏهن منهنجا والد صاحب مشهور ٿي ويا ته پاڻ صرف هڪ دفعي حج ڪيو، ان حج جي آمدورفت ۾ مان سندن سواري جي واڳ جھلندو هئس جڏهن اسان (بغداد جي ڏکڻ ۾ موجود شهر) حله ۾ پهتاسين ته پاڻ فرمايائون ته هتي سڀ کان غريب گھر جي تلاش ڪريو، ان ڪري اسان هڪ ويرانو ڏٺو جنهن ۾ پشم (اُون) جو هڪ خيمو هو، ان ۾ هڪ