Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

پوڙهو ۽ هڪ پوڙھي مائي ۽ هڪ ڇوڪريء هئي۔ پاڻ ان بزرگ کان اجازت ورتي ۽ ساٿين سان گڏ ان وِيراني ۾ ترسيا، حله جا مشائخ ۽ رئيس ۽ امير سندن خدمت ۾ آيا ۽ درخواست ڪئي ته اوهان اسان جي غريب خانن ۾ يا ڪنهن ٻي سٺي گھر ۾ هلو پر پاڻ منظور نه ڪيائون۔ شهر جي حاڪم پاڻ  رَضِى الله تَعَالٰي عَنْهُ لاءِ ڪافي ڳئون ٻڪريون، کاڌو، سون، چاندي ۽ سامان موڪليو ۽ سفر جي لاءِ سواريون موڪليون ۽ ماڻهو هر طرف کان سندن خدمت ۾ حاضر ٿيا، پاڻ
رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه پنهنجي ساٿين کي فرمايو ته ان تمام سامان منجهان مون پنهنجو حصّو ان گھر وارن کي ڏنو۔ هي ٻڌي اُنهن چيو ته اسان به پنهنجو پنهنجو حصّو ڏنو، اهڙي طرح اهو تمام مال ان پوڙھي، پوڙھيءَ ۽ ڇوڪري کي ڏنو ويو رات جو پاڻ اتي رهيا ۽ صُبح جو روانا ٿيا، (پاڻ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جا صاحبزادا فرمائن ٿا) ڪيئي سالن کان پوءِ حله مان منهنجو گُذرڻ ٿيو، ڇا ڏسان ٿو ته هو پوڙھو اتي جي رهواسين ۾ سڀ کان وڌيڪ مالدار آهي۔ ان مون کي چيو ته هي سڀ ڪجھ ان رات جي برڪت آهي، انهن ڳئن ٻڪرين ٻچا ڄڻيا ۽ اهي وڏا ٿي ويا، هي انهن مان آهن۔ (بهجۃالاسرار،ذڪر شي من شرائف اخلاقه،ص۱۹۸)

مل گیا مجھ کو غوث کا دامن،فضلِ ربِّ کریم سے روشن

غوث رَنج و اَلَم مِٹاتے ہیں،اُس کو سِینے سے بھی لگاتے ہیں

 

 

مِری تقدیر کا ستارہ ہے،واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

آ گیا جو بھی غم کا مارا ہے واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص 577،578)

آئنده ڪنهن کي منع نه ڪجو

 هڪ دفعي پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه هڪ شخص کي ڪجھ غگمين ۽ اداس ڏسي پڇيائون: توهان جو ڇا حال آهي؟ ان عرض ڪيو: سائين! درياء دَجله جي ان پار وڃڻ چاهيو ٿئي پر ڪشتي واري بنا ڪرائي جي ڪشتي ۾ نه ويهاريو ۽ مون وٽ ڪجھ به ناهي۔ ايتري ۾ هڪ عقيدت مند حضورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿي ٽيھ (30) دينار نذرانو پيش ڪيو ته پاڻ رَحْمَةُ الله