Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

تَعَالٰى عَلَيه اهي ٽيھ (30) دينار ان شخص کي ڏئي فرمايائون: وڃو! هي ٽيھ (30) دينار ان مَلَّاح (ڪشتي هلائڻ واري) کي ڏئي ڇڏ ۽ چئو ته آئنده هو ڪنهن غريب کي دريا پار ڪرائڻ تي انڪار نه ڪري۔  (اخبارالاخيار،ص۱۸)

ہمارا   بھی   بیڑا    لگا  دو    کنارے

تباہی سے ناؤ  ہماری بچادو

فدا تم  پہ ہوجائے نُوریِ مُضْطر

 

 

تمہیں     نا     خدائی       ملی    غوثِ     اعظم

ہوائے مُخالف چلی  غوثِ اعظم

یہ ہے اس کی  خواہش دِلی غوثِ اعظم 

(سامانِ بخشش،صفحہ۱۰۸)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!          صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

آهن باعثِ برڪت

غوثِ پاڪ

ڪمزور جي طاقت

غوثِ پاڪ

آهن صاحبِ عزّت

غوثِ پاڪ

مجبور جي راحت

غوثِ پاڪ

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته اسان جا غوثِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه غريبن ۽ حاجت مندن جو ڪيتري قدر خيال رکندا هئا ته اسان کي به سندن سيرت ۽ ڪردار تي عمل ڪندي پنهنجي زندگي گذارڻ گھرجي۔ جيڪڏهن ڪنهن مُسلمان کي پريشاني يا ڪنهن مُصيبت ۾ مبُتلا ڏسو ۽ ان جي حاجت پُوري ڪرڻ جي اِستِطاعت به رکو ٿا ته ضرورڪوشش ڪرڻ کپي۔ جيڪو شخص روئيندڙن کي کلائي، پريشان حالن جي پريشاني دور ڪري، مُحتاجن جي حاجت رَوائي ڪري، غمگينن جي غمگساري ڪري بکايلن کي کاڌو کارائي، وڏو خوش نصيب آهي اهو شخص جو احاديثِ مُبارڪه ۾ اهڙي شخص جي لاءِ مغفرت ۽ جنت جي بشارت ۽ جهنّم کان نجات جي خوشخبري بيان ڪئي وئي آهي۔ اچو! ان باري ۾ ٽي فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا: