Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

 

1.    مغفرت جي سببن منجهان هڪ سبب بکايل مسلمان کي کاڌو کارائڻ        آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو: اَوْ اِطْعٰمٌ فِيۡ يوْمٍ ذِيۡ مَسْغَبَۃٍ (پ۳۰،البلد:۱۴)
ترجمو ڪنزالايمان: يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻ.

(مستدرڪ للحاڪم،ڪتاب التفسير،باب اطعام المسلم السغبان…الخ، ۳/۳۷۲۔ حديث:۳۹۹۰)

2.       جنت ۾ هڪ اهڙو اونچائي جوگهر آهي جنهن جو ٻاهر اندر کان ۽ اندر ٻاهر کان ڏسڻ ۾ ايندو آهي، هي عالي شان گهر ان جي لاءِ آهي جيڪو مُحتاجن کي کاڌو کارائي۔ (مسنداحمد،۸/۴۴۹حديث:۲۲۹۶۸)

3.         جنهن پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي کاڌو کارايو ايستائين جو ان ڊئو ڪري ورتو ۽ پاڻي پياريو ايستائين جو هو سيراب ٿي ويو ته الله عَزَّوَجَلَّ کارائڻ واري کي جهنم کان ست خندقن جي مسافت پري ڪندو، هر ٻن خندقن جي وچ ۾ 500 سالن جي مسافت آهي.

(شعب الايمان للبيهقي،باب في الزڪوٰۃ،فصل في اِطعام الطعام وسقي الماء، ۳/۲۱۷،حديث: ۳۳۶۸)

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي اخلاص سان مسلمانن جي خيرخواهي جو جذبو نصيب فرمائي، محتاجن، پريشان حالن جي مدد ڪرڻ جي سَعادت نَصيب فرمائي، خالص رضاءِ الٰهي وارا ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ رياڪاري جي تباھ ڪارين کان بچائي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن مختصر زندگي ۾ جيتري قدر ممڪن ٿئي مسلمانن جي مُشڪل حالتن ۾ انهن جو ساٿ ڏيو ۽ مُحتاجن جي حاجت پُوري ڪيو نيڪين ۾ زندگي گذاريو ۽ گناهن کان پاسو ڪيو۔ هن فاني دُنيا جي عارضي رونقن، مسرتن، ۽ رنگينين ۾ گم ٿي آخرت جي حساب کان غافل