Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

عَزَّوَجَلَّ جا محبوب ۽ مُقرَّب ولي هئڻ باوُجُود الله عَزَّوَجَلَّ جي خُفيه تدبير کان ڪيتري قدر ڊڄندا هئا جڏهن انهن نيڪ ٻانهن جو هي حال آهي ته ٿورو غور ڪيو ته اسان گنهگارن کي الله عَزَّوَجَلَّ کان ڪيترو ڊڄڻ گھرجي ته اسان جا رات ڏينهن گُناهن ۽ رَبّ تعاليٰ جي نافرماني ۾ گذرن ٿا، ياد رکو! خوفِ خدا عَزَّوَجَلَّ جو مطلب هي آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي بي نيازي، ان جي ناراضي، ان جي پڪڙ ۽ ان جي طرفان ڏني ويندڙ سزائن جو سوچي انسان جي دل گھبراهٽ ۾ مبُتلا ٿي وڃي۔ (ماخوذ من احياء العلوم ،ڪتاب الخوف والرجاء ،ج ۴)

هاڻي ٿورو اسان پنهنجي حال تي غور ڪيون ته ڇا خوفِ خدا جي وقت اسان جي به اها ئي ڪيفيت هوندي آهي؟ ڇا ان جي ناراضي سان اسان کي به ڊپ لڳي ٿو؟ ڇا ان جي طرفان ڏيڻ وارين سزائن جو سوچي اسان جي دل به گھبراهٽ ۾ مبُتلا ٿئي ٿي؟ جيڪڏهن ائين ناهي ته ان جو مطلب آهي ته اسان الله عَزَّوَجَلَّ کان جھڙو ڊڄڻ گھرجي اهڙي طرح نٿا ڊڄون۔ تنهنڪري الله عَزَّوَجَلَّ جو حقيقي خوف دل ۾ بيدار ڪرڻ جي لاءِ ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.       جنهن مؤمن جي اکين مان الله تعاليٰ جي خوف مان ڳوڙهو نڪري ٿو، توڙي جو مک جي مٿي جي برابر هجي، پوءِ اهو ڳوڙهوان جي چهري جي ظاهري حصّي تائين پهچي الله تعاليٰ ان کي جهنّم تي حَرام ڪري ڇڏيندو آهي ۔“ (شعب الايمان ،باب في الخوف من الله تعاليٰ ، ۱/۴۹۰، حديث:۸۰۲ )

2.       جڏهن مؤمن جي دل الله تعاليٰ جي خَوف مان ڏڪي ٿي، ته ان جون خطائون اهڙي طرح ڇڻن ٿيون، جيئن وڻ مان پن ڇڻندا آهن۔“

(شعب الايمان ،باب في الخوف من الله تعاليٰ ، ۱/۴۹۱،حديث: ۸۰۳ )

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي پنهنجو حقيقي خوف نصيب فرمائي ۽ پنهنجي رضا وارا ڪم ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم