Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

زمين مان چونڊي چونڊي ٽڪرا کائڻ

سرڪارِ بغداد حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: آءُ شهر ۾ جڏهن کائڻ جي ارادي سان ڪِريل ۽ هيٺ پيل ٽڪرا يا جهنگ جو ڪو گاهه يا ننڍا پن کڻڻ چاهيندو هيس ۽ ڏسندو هيس ته ٻيا فقير به ان جي ڳولا ۾ آهن ته پنهنجي اسلامي ڀائرن تي ايثار ڪندي نه کڻندو هيس بلڪه ايئن ئي ڇڏي ڏيندو هيس ته جيئن اهي کڻي وڃن ۽ پاڻ بُکايل رهندو هيس جڏهن بُک جي سبب ڪمزوري حد کان وڌي ويئي ۽ آءُ قريب المرگ ٿي ويس ته گلن واري بازار مان هڪ کائڻ جي شيء جيڪا زمين تي پيل هئي اها مون کنئي ۽ هڪ ڪنڊ ۾ وڃي ان کي کائڻ جي لاءِ ويهي رهيس. ايتري ۾ هڪ عجمي نوجوان آيو ان وٽ تازيون مانيون ۽ ڀُڳل گوشت هيو اهو ويهي کائڻ لڳو. ان کي ڏسي منهنجي کائڻ جي خواهش هڪدم شدت اختيار ڪئي. جڏهن اهو کائڻ جي لاءِ گرهه کڻندو هيو ته بُک جي شدت جي سبب بي اختيار دل چاهيندي هئي ته وات کولي ڇڏيان ته جيئن هُو منهنجي وات ۾ گرهه وجهي ڇڏي. آخر مون پنهنجي نفس کي جهڙڪيو ڏنو ته ”بي صبري نه ڪر الله عَزَّوَجَلَّ مون سان گڏ آهي. چاهي ڪجهه به ٿي وڃي پر مان ان نوجوان کان گهري هرگز نه کائيندس.“ اوچتو اهو نوجوان منهنجي طرف متوجهه ٿيو ۽ چوڻ لڳو، ڀاءُ! اچو ۽ اوهان به کائڻ ۾ شريڪ ٿي وڃو، مون انڪار ڪيو. ان اصرار ڪيو، منهنجي نفس مون کي کائڻ جي لاءِ تمام گهڻو اڀاريو، پر مون وري به انڪار ڪيو. پر ان نوجوان جي گهڻي اصرار تي مون ٿورڙو کاڌو کاڌو.ان مون کان پُڇيو، ڪٿان جا رهڻ وارا آهيو؟ مون ورندي ڏني جيلان جو. هُو چوڻ لڳو، مان به جيلان جو ئي آهيان. چڱو هي ٻُڌايو ته توهان مشهور زاهد حضرت سيدابُو عبدُالله صَومَعِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي ڏوهٽي عبد القادر رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه کي سڃاڻو ٿا؟ مون چيو، اهو ته مان ئي آهيان، اهو ٻُڌي هو بيقرار ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته مان بغداد اچڻ لڳس ته اوهان جي والده ماجده رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھَا