Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

اوهان کي ڏيڻ جي لاءِ مون کي سون جون اٺ اشرفيون ڏنيون هيون، مان هتي بـغداد اچي اوهان کي ڳولهيندو رهيس پر اوهان جو ڪنهن پتو نه ڏنو ايتري تائين جو منهنجي تمام رقم خرچ ٿي ويئي، ٽن ڏينهن تائين مون کي کائڻ جي لاءِ ڪجهه نه مليو، مان جڏهن بُک کان بيحال ٿي ويس ۽ جان خطري پئجي وئي، ته مان اوهان جي امانت مان هي مانيون ۽ ڀُڳل گوشت خريد ڪيو. حُضُور! اوهان به خوشيءَ سان هن کي تناوُل فرمايو ڇو ته هي اوهان جو ئي مال آهي، پهريان اوهان منهنجا مهمان هئا ۽ هاڻي مان اوهان جو مهمان آهيان. بقايا رقم پيش ڪندي چوڻ لڳو، مان معافيءَ جو طلبگار آهيان. اضطراري حالت ۾ مان اوهان جي رقم مان هي کاڌو خريد ڪيو هيو“. مان تمام گهڻو خوش ٿيس. مون بچيل کاڌو ۽ وڌيڪ ڪجهه رقم ان کي پيش ڪئي اها هن قبول ڪئي ۽ هليو ويو.  

(الذّيل علي طبقات الحنابلۃ ج۳ ص۲۵۰،ملخصاً)

تِرے دَر سے ہے منگتوں کا گُزارا یاشَہِ بَغداد
یہ سُن کر میں نے بھی دامَن پَسارا یاشَہِ بَغداد

شَہَا! خَیْرات لینے کو سَلاطِینِ زَمانہ نے
تِرے دَربار میں دَامَن پَسارا یاشَہِ بَغداد

سُلطانِ ولايت

غوثِ پاڪ

ولين تي حڪومت

غوثِ پاڪ

شهبازِ خطابت

غوثِ پاڪ

فانوسِ هدايت

غوثِ پاڪ

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

ايثار جي عظيم فضيلت

شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اِسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُو  بِلال محّمد اِلياس عَطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: هن حڪايت ۾ اسان لاءِ عبرت جا بي شمار مدني گل آهن، ڏسو ته سهي! هڪ پاسي