Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجن ولين سڳورن کي ڪهڙو شان ۽ مرتبو عطا فرمايو آهي جو سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جڏهن نفسي نفسي جو عالَم هوندو ماڻهو پريشان هوندا پر الله عَزَّوَجَلَّ جا اولياء ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام کي نه ڪو غم ۽ نه پريشاني هوندي ۽ انهن جو نهايت خوبصورت انداز ۾ استقبال ڪيو ويندو ۽ شانِ اولياء ته ڏسو ته الله عَزَّوَجَلَّ نور جا منبر وڇائي پنهنجن ولين کي انهن تي ويهاريندو ۽ هي حقيقت آهي ته جيڪو ٻانهو پنهنجي زندگي جو هڪ هڪ لمحو نيڪ ڪمن ۾ گذاريندو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ ان کي دنيا ۾ به عزّتن جو تاج پارائيندو آهي ۽ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن به انهن کي عزّت ۽ وقار جي مَسند تي ويهاريندو ۽ هي اهي ماڻهو آهن جو جنهن جي نيڪ ڪمن جي ڪري الله عَزَّوَجَلَّ انهن سان محبت فرمائي ٿو ۽ انهن کي پنهنجو خاص قُرب عطا فرمائيندو آهي۔ جيئن

سيدُ المُبَلِّغِين، رَحمَةٌ لِّلعٰلَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمانِ عاليشان آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو: منهنجي ڪنهن ٻانهي منهنجي فرض ڪيل اَحڪامن جي بجا آوري کان وڌيڪ مَحبوب شيء سان منهنجو قُرب حاصل ناهي ڪيو ۽ منهنجو ٻانهو نَوافل جي ذريعي، منهنجو قُرب حاصل ڪندو رهي ٿو ايستائين جو مان ان سان مَحَبَّت ڪرڻ لڳان ٿو، جڏهن مان ان سان مَحَبَّت ڪرڻ لڳان ٿو ته مان ان جا ڪن بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو ٻڌندو آهي، ان جون اکيون بڻجي ويندو آهيان جنهن هو ڏسندو آهي، ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو پڪڙندو آهي ۽ ان جا پير بڻجي ويندو آهيان جنهن سان هو هلندو آهي، جيڪڏهن هو مون سان سوال ڪري ته مان ان کي ضَرور عطا ڪندو آهيان ۽ جيڪڏهن ڪنهن شيء سان منهنجي پناھ چاهي ته مان ان کي ضرور پناھ عطا ڪيان ٿو۔ (بخاری،کتاب الرقاق، باب التواضع، ۴/۲۴۸،حدیث:۶۵۰۲)

مُفَسِّرِشهير، حڪيمُ الاُمَّت، مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن حديث پاڪ