Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

تحت فرمائن ٿا: هن عبارت جو هي مطلب ناهي ته خدا تعاليٰ وَلي ۾ حُلُول ڪري ويندو آهي جيئن، ڪوئلي ۾ باھ يا گل ۾ رنگ ۽ بُو، ڇوته خدا تعاليٰ حُلُول کان پاڪ آهي ۽ هي عقيدو (رکڻ) ڪفر آهي(بلڪ هن حديث جو مطلب هي آهي) ته هو ٻانهو فَنا فِي الله ٿي ويندو آهي، جنهن سان خدائي طاقتون ان جي عضون ۾ ڪم ڪنديون آهن ۽ هو اهڙا ڪم ڪندو آهي جيڪي عقل کان وَراء آهن (جيئن ته) حضرت سليمان (عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام) ٽي (3) مِيل جي مفاصلي کان کِيل جو آواز ٻڌي ورتو، حضرت آصف بن برخيا (رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه) اک ڇنڀڻ کان پهريان يمن کان تختِ بلقيس آڻي شام ۾ حاضر ڪري ڇڏيو۔ حضرت عُمر
(
رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه) مدينه منوره کان خُطبو پڙھندي نَهاوند تائين پنهنجو آواز پهچائي ڇڏيو۔ حُضورِ اَنۡور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) قيامت تائين جي واقعن کي اکين سان مُلاحظه فرمائي ورتو۔ هي سڀ انهيء طاقت جا ڪرشما آهن۔ هن حديث مان اهي ماڻهو عبرت حاصل ڪن جيڪي ولين جي طاقت جا انڪاري آهن۔

 (مرآۃ المناجیح۳/۳۰۸تا ۳۰۹ملتقطاً)

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن ٻانهي کي الله عَزَّوَجَلَّ جو خاص قُرب نصيب ٿي ويندو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي عطا ڪيل قوتِ بصارت (يعني ڏسڻ جي طاقت) سان هو مِيلن جي فاصلن کي به ملاحظه فرمائي رهيو هوندو آهي۔ جيئن ته حضرتِ سيدُنا غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا:

نَظَرْتُ اِلٰي بِلَادِاللّٰه جَمْعًا                                                                                                                                  کخَرْدَلَۃٍ عَلٰي حُکمِ اتِّصَالٖ

يعني مان الله عَزَّوَجَلَّ جي تمام شهرن کي اهڙي طرح ڏسان ٿو، جهڙي طرح هٿ جي تري تي واريءَ جو داڻو هجي۔ (صحیفہ غوثیہ ،ص ۱۸۷) وڌيڪ ارشاد فرمائن ٿا: مون کي پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي عزّت جو قسم! ته تمام سعيد وشقي (يعني سعادت مند ۽ بدبخت) مون تي پيش ڪيا ويندا آهن، منهنجي اک لوحِ محفوظ تي