Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

لڳل آهي، يعني لوحِ محفوظ منهنجي پيشِ نظر آهي۔ (بہجۃ الاسرار، ذکر کلمات اخبربہا عن نفسہ… الخ،ص۵۰)

حضرتِ سيدُنا شيخ عبدالحق محدِّث دِهلوي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ”اَخبارُ الاخيار“ صَفحي نمبر 15 ۾ حضورِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جو هي ارشاد ِ معظَّم نقل ڪيو آهي: جيڪڏهن شريعت منهنجي زبان تي لغام نه وجھي هئا ته مان توهان کي ٻڌايان هئا ته توهان گھر ۾ ڇا کاڌو آهي ۽ ڇا رکيو آهي، مان توهان جي ظاهر ۽ باطن کي ڄاڻان ٿو، ڇوته توهان منهنجي نظر ۾ آرپار نظر اچڻ واري شيشي جيان آهيو۔ (اخبار الاخیار،ص ۱۵) ۽ حضرتِ مولانا رُومي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه مثنوي شريف ۾ فرمائن ٿا:

لَوحِ محفوظ اَست پيشِ اولياء

اَزچه محفوظ اَست محفوظ اَز خطا

(يعني لوحِ محفوظ اولياءُ الله رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام جي پيشِ نظر هوندو آهي جيڪو هر خطا کان محفوظ هوندو آهي). (مثنوی ،دفترِ چہارم،۲/۱۸۱)

      اهڙي طرح حيرت انگيز ۽ خداداد قوتِ بصارت (يعني ڏسڻ جي طاقت) جي باري ۾ اميرُ المومنين حضرتِ سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه جو به نهايت ايمان افروز واقعو مشهور آهي ته هڪ دفعي فاروقِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه حضرت ساريه رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کي سپه سالار بڻائي نهاوَند جي سرزمين ڏانهن روانو ڪيو۔ حضرت ساريه رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه معرِڪي ۾ مصروف هئا ته هڪ ڏينهن حضرت عمر رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه مسجدنبوي جي منبر تي خطبو پڙھندي اوچتو بلند آواز سان ارشاد فرمايو: ياسَارِيةُ الْجَبَل (يعني اي ساريه! جبل ڏانهن پنهنجي پُٺي ڪري وٺو) مسجد ۾ ويٺل حيران ٿيا ته حضرت ساريه رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه سرزمينِ نهاوند ۾ معرڪي ۾ مصروف آهن ۽ مدينه منوّره کان سوين مِيل جي دُوري تي آهن۔ اڄ اميرُ المومنين انهن کي ڪيئن پڪاريو؟ پر نهاوند کان جڏهن حضرت ساريه