Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه جو قاصد آيو ته ان هي خبر ڏني ته جڏهن ڪافرن سان مقابلو ٿيو ته اسان کي شڪست ٿيڻ لڳي، ايتري ۾ اوچتو هڪ سڏيندڙ   جو آواز آيو جيڪو سڏي  سڏي چئي رهيو هو ته اي ساريه ! توهان جبل ڏانهن پنهنجي پٺ ڪري وٺو۔

      حضرت ساريه رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه فرمايائون، هي ته امير المؤمنين حضرت سيدنا فاروقِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه جو آواز آهي، هي چئي هڪدم ئي انهن پنهنجي سپاهين کي جبل ڏانهن پُٺ ڪري صف بندي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان کان پوءِ ڪافرن سان مقابلو ٿيو ته ڪافر شِڪست کائي ڀڄي ويا ۽ مسلمانن فتحِ مبين جو پرچم لهرائي ڇڏيو۔ (حجۃ اللہ علی العلمین،ص ۶۱۲ ، تاریخ الخلفاء، ص۹۹تا۱۰۱، ملخصاً)

بھٹک سکتا نہیں ہرگزکبھی وہ سیدھےرستے سے

کرم جس بخت وَر پر ہو گیا فاروقِ اعظم کا

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن ايمان افروز واقعي مان معلوم ٿيو ته بيشڪ حضرت سَيدُنا اميرُ المؤمنين فاروقِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه صاحبِ ڪرامت آهن، ڇاڪاڻ ته مدينه منوره کان سوين مِيل جي دُوري تي آواز کي پهچائڻ، هي حضرت سيدنا فاروقِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه جي ڪرامت آهي، ۽ پڻ اميرُالمؤمنين فاروقِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه مدينه طيبه کان سوين مِيل جي دُوري تي نهاوند جي ميدان ۽ اتي جي احوال ۽ ڪيفيتن کي ڏسي ورتو ۽ پوءِ مسلمانن جي مشڪلات جو حل به منبر تي بيٺي بيٺي سپه سالار کي ٻڌائي ڇڏيو۔

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان هي به معلوم ٿيو ته اولياء ڪرام
رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام جي ڏسڻ ٻڌڻ جي قوّت کي عام انسانن جي ڪنن، اکين ۽ انهن جي قُوّتن تي هرگز هرگز قياس نه ڪرڻ گھرجي، بلڪ هي ايمان رکڻ گھرجي ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي محبوب ٻانهن جي ڪنن ۽ اکين کي عام انسانن کان تمام ئي وڌيڪ طاقت عطا ڪئي آهي ۽ انهن جي اکين، ڪنن ۽ ٻين عضون جي