Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

  طاقت ايتري قدر بي مثل ۽ بي مثال آهي ۽ انهن کان اهڙا اهڙا حيرت انگيز ڪم ٿين ٿا، جنهن کي ڏسي ڪرامت جي سوا ڪجھ به نٿو چئي سگھجي ۽ ڇو نه هجي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي رِضاءِ الٰهي جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن ، اللهعَزَّ وَجَلَّ انهن جي ڪمن ۾ انهن جي مدد ڪندو آهي ۽ انهن جي لاءِ اهڙا اهڙا سبب مهيا ڪندو آهي جيڪي اسان جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندا آهن۔

          اهو ياد رکو! ته اسان جي پياري آقا، سيدالانبياء صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا سڀئي صحابه  رَضِي الله تَعَاليٰ عَنْهمْ اَجْمَعِين، هن اُمّت جا افضل ۽ اعليٰ اولياء آهن۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ملاحظه فرمايو ته الله عَزَّوَجَلَّ ۽ پياري آقا ،مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي فرامين ۾ اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام جي شان ۽ عظمت، مقام ۽ مرتبي ۽ تصرفات ۽ اختيارات کي ڪيتري قدر شاندار انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي۔ پر ياد رکو! جتي حقيقي اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام، قرآن وسُنّت ۽ پنهنجي روحاني فيض ۽ برڪتن سان پنهنجن مريدن ۽ عقيتمدن طالبن ۽ ٻئي اُمّتِ مسلمه جي مذهبي، اخلاقي ۽ ظاهري وباطني تربيت فرمائڻ ۾ مصروفِ عمل آهن، اتي بدقسمتي سان اڄڪلھ ڪجهه نام نهاد جعلي پير فقير به ولايت جو ڊرامو رچائي ماڻهن کي ڌوڪو ڏيندي انهن جي ايمانن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن ۽ انهن کي گمراهي جي کڏ ۾ ڌڪي رهيا آهن، اهڙا ماڻهو ڪنهن ٻئي مسلمان جي اصلاح ته ڇا ڪندا پاڻ انهن جي پنهنجي حالت هي هوندي آهي ته جڏهن انهن کي شرعي احڪامن جي پاسداري بابت ڳالھ ڪئي وڃي ته مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ طرح طرح جا حيلا بهانا ڪري پنهنجن ڪارن ڪرتُوتن تي پردو وجھڻ جي ڪوشش ڪندي چوندا آهن:”اسان