Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

شريعت جا پابند نه آهيون بلڪ شريعت اسان جي پابند آهي۔ڪو چوي ٿو ته توهان شريعت تي هلو، اسان جو طريقت جو رستو ان کان الڳ آهي۔ توهان ظاهري احڪام تي عمل ڪيو ٿا جڏهن ته اسان باطني علوم تي عمل پيرا آهيون ۽ بعض اهو حيلو بهانو ڪندا آهن: ادا! اسان ته مديني ۾ نماز پڙھون ٿا، سائين! نماز ته روحانيت جو نالو آهي جيڪا دِل ۾ هوندي آهي، اسان جا دل نمازي آهن وغيره وغيره“۔ ياد رکو! اهڙي ڪاري دل وارا ماڻهو ۽ انهن جي بي بُنياد ڳالهين جو ڪو اعتبار ناهي ۽ نه ئي اهڙن ماڻهن جو ولايت جهڙي عظيم نعمتِ الٰهي کان به ڪو واسطو آهي، اهڙا ماڻهو هرگز هر گز ولي نٿا ٿي سگھن، اهڙن کان پنهنجو ايمان ۽ عقيدو محفوظ رکڻ ضروري آهي، جيڪو حقيقي ولي الله هوندو آهي، اهو شريعت جو پابند هوندو آهي ڇو ته طريقت ،شريعت کان جُدا ناهي۔ جيئن،

      اعليٰ حضرت،امام احمدرضا خان رَحْمَةُ اللّٰه ِ تَعَالٰى عَلَيه ارشاد فرمائن ٿا: شريعت حضورِ اقدس، سَيدعالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا اقوال آهن ۽ طريقت حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا افعال ۽ حقيقت حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا احوال ۽ معرفت حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا عُلومِ بي مثال۔ (فتاویٰ رضویہ،٢١/٤٦٠)

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته شريعت ۽ طريقت هڪ ٻئي کان جدا نه آهن، اهو ئي سبب آهي ته اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام سڄي زندگي نه صرف ماڻهن کي شريعت جي احڪامن تي عمل جي ترغيب ڏني بلڪ پاڻ به شرعي احڪامن تي مضبوطي سان عمل ڪندا رهيا جيئن ته

 حضرت سَيدُنا امام حافظ ابونُعَيم احمد بن عبدُالله اَصفَهاني رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: اولياء ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام الله عَزَّوَجَلَّ جي ذات ۽ ان جي محبت ۾ مستغرق (يعني ان جي محبت ۾ ٻڏل) رهندا ۽ ان جي حڪم جي پابندي ڪندا آهن۔