Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

ڪتاب ”الله والوں کی باتيں “جو تعارف

اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام جو وڌيڪ شان ۽ عظمت ڄاڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل 5 جلدن تي مشتمل ڪتاب ”الله والوں کی باتيں“ جو مطالعو بيحد مفيد آهي، اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰه السَّلَام جي زندگين جا نمايان واقعا، ڪرامتون انهن جا فرمان، شرعي احڪامن جي پاسداري ۽ انهن جي عُمده وصفن کي نهايت جامع ۽ خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري تمام اسلامي ڀائرن سان مدني التجا آهي ته نه صرف پاڻ هن ڪتاب جو مُطالعو ڪيو، بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏياريو، دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔ اچو انهيء ڪتاب مان اولياء ڪرام جون ڪجھ وڌيڪ صفتون ٻڌون ٿا،

اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام جا وصف

حضرت سيدُنا ذُوالنُّون مِصْري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ جي مخلوق ۾ بعض ان جا برگزيده ۽ نيڪ ٻانها آهن۔ پڇيو ويو: انهن جي نشاني ڇا آهي؟ فرمايائون: جڏهن ٻانهو راحت کي ڇڏي اطاعت ۽ عبادت ۾ ڀرپور ڪوشش ڪري ۽ قدرو منزلت جي نه هئڻ کي پسند ڪري۔ پوءِ پاڻ انهن الله وارن جي شان ۾ ٻه شعر پڙھيا جنهن جو ترجمو آهي:

(۱) قرآن پنهنجي وعدي ۽ وعيد سان (اُنهن کي) هر بُرائي کان روڪيو آهي۔رات جو (انهن جي) اکين جي ننڊ غائب ٿي وئي۔ (۲) اُنهن ڪريم بادشاھ (يعني الله عَزَّوَجَلَّ) جي ڪلام کي اهڙي طرح سمجھيو ڇو انهن جون گردنون