Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ
تاعرش اُڑا پھریرا صبحِ شبِ ولادت
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اسان به پنهنجي هٿن ۾ ۽ پنهنجي سوارين تي فيضانِ گنبدِ خضريٰ ۽ فيضانِ گنبدِ غوث ۽ رضا سان مالا مال مدني پرچم کڻي، اميرِاهلسنّت جي عطا ڪيل مدني گلن (مڪتوب) جي مطابق جلوسِ ميلاد ۾ شرڪت ڪنداسين۔ زور سان چئو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّ وَجَلَّ ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّ وَجَلَّ 12 ربيع الاول يعني اڄ جو روزو به رکنداسين، ڇوته اسان جا آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر سومر تي روزو رکندا ها ۽ جڏهن بارگاھ رسالت صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ سومر جي روزي جي باري ۾ پڇيو ويو ته ارشاد فرمايو ”انهيءَ ڏينهن منهنجي ولادت ٿي ۽ انهيء ڏينهن مون تي پهرين وحي نازل ٿي“۔ ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّ وَجَلَّ اسان به اڄ روزو رکنداسين۔…….. هٿ کڻي زور سان چئو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّ وَجَلَّ ۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو !بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
سنتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب
٭ جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو؛: بِسْمِ الله تَوَکلْتُ عَلَي الله لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِالله ترجمو؛ الله جي نالي سان، مون الله تعالٰي تي ڀروسو ڪيو۔ الله تعالٰي کان سواءِ نه طاقت آهي