Ham Dartay Kiun Nahi?

Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

حيائي ايتري قدر وڌي چڪي آهي، هر گلي محلي بلڪه گھر گھر ۾ بي حيائي جا دل ڏکائيندڙ نظارا آهن، مخلوط تعليمي ادارن، اسپتالن، دفترن ۽ تفريح گاهن ۾ مردن ۽ عورتن جو اِختلاط (ميل جول) عام ٿي چڪو آهي انهيءَ ميل جول جي سبب مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان جو نوجوان نَسل گرل فرينڊ (Girlfriend) ۽ بواءِ فرينڊ (Boyfriend) جي مَنحوس چڪر ۾ ڦاسجي ڪهڙي طرح پنهنجي شرم  ۽ حيا کان بلڪل پري ٿي ويو آهي اها ڳالھ ڪنهن کان لڪيل ناهي، اڄ هڪ پيءُ پنهنجي جوان ڌيءُ کي پاڻ بازارن جي رونق بڻائي ٿو، مڙس پنهنجي زال کي سجائي سينگاري ماڻهن جي بدنگاهين جو ذريعو بڻائي ٿو، ڀاءُ آهي ته اهو پنهنجي ڀيڻ کي بي پردگي کان روڪڻ جي لاءِ ڪوشش تائين نٿو ڪري، 

دن لہو میں کھونا تجھے شب صبح تک سونا تجھے

شرمِ نبی خوفِ  خدا یہ  بھی نہیں وہ بھی نہیں

شعر جي مختصر وضاحت: اي غافل مسلمان تنهنجا ڏينهن راند روند ۾ گزندا آهن ۽ راتيون تون الله پاڪ جي ياد کان غفلت ۾ وڃائي ڇڏيندو آهين،نه ئي توکي خوف خدا آهي جو مرڻ کان پوءِ الله پاڪ جي حضور حاضر ٿيڻو آهي ۽ نه ئي توکي پنهنجي نبيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کان شرم ۽ حيا اچي ٿي جو محشر جي ڏينهن ان کي به منهن ڏيکارڻو آهي.

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پهريان جڏهن اهو نَعرو بُلَند ڪيو ته ”مرد ۽ عورت ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلن، ان جي اها نُحُوست ظاهر ٿي ته گھر جي چارديواري ۾ مَحْفوظ عورت بي پرده ٿي گھر کان ٻاهر نڪري آئي ۽ هاڻي مغرب کان هلڻ وارو هي جملو ليڊيز فرسٽ (Ladies First) يعني ”پهرين خواتين“ هتي به اچي پهتو پهرين ته عورت کي مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهاريو ۽ پوءِ هڪ قدم اڃا وڌيڪ اڳتي پهچائي وڌيڪ بي حيائي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو۔ اسان جون عورتون اهو سمجھڻ لڳيون ته هن جُملي جي ذريعي معاشري ۾ اسان کي عِزت وقار ڏنو پيو وڃي حالانڪه هن جُملي جو مَقصَد عورتن کي ڪنهن قسم جي عزت