Ham Dartay Kiun Nahi?

Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

٭ارشاد فرمايائون: جيڪو شهرت لاءِ عمل ڪندو، الله عَزَّوَجَلَّ ان کي ذليل ڪندو۔ جيڪو ڏيکاءُ لاءِ عمل ڪندو، الله عَزَّوَجَلَّ ان کي عذاب ڏيندو۔ 

                                              (جامع الاحاديث للسيوطي،قسم الاقوال،۷/۴۴، حديث: ۲۰۷۴۰)

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته رياڪاري ڪرڻ واري بد نصيب کي جنت جي خوشبو به نه پهچندي۔ اهڙي بد عمل کي قيامت جي ڏينهن ذليل ۽ رسوا ڪيو ويندو ۽ ان کي سخت عذابِ الٰهي کي منهن ڏيڻو پوندو۔ ياد رهي رياڪاري سان دنيا ۾ نيڪ نامي ۽ فائدا ته ملي سگھن ٿا پر آخرت ۾ اهڙي عمل جي ڪا جزا نه هوندي۔ تنهنڪري پنهنجي دل مان ماڻهن طرفان تعريف ڪرڻ جي خواهش ڪڍي ڇڏيو. هر وقت قبر ۽ حشر جون خوفناڪ ۽ جهنَّم جي سخت سزائن کي ذهن نشين رکو۔ صرف رضاءِ الٰهي جي لاءِ عمل ڪريو ۽ بُزرگانِ دين جي سيرت کي زندگي جي هر حصي ۾ پنهنجي لاءِ مشعلِ راھ بڻايو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان خوفِ خدا جي دولت نصيب ٿيندي۔ الله پاڪ جي مقرب ٻانهن جي عملي حالت بيان ڪندي هڪ بزرگ فرمائن ٿا: اهي ماڻهو (ڪثرت سان نيڪيون ڪرڻ جي باوجود ان جي خفيه تدبير کان) خوف زده رهندا ۽ توهان تفريط (يعني گناهن ۾ غرق هئڻ جي باوجود) بي خوف رهو ٿا۔ اهي مبارڪ هستيون نيڪين جي باوجود روئينديون هيون ۽ توهان بي ڪار رهي ڪري به کلو ٿا۔ اهي ماڻهو بيمار رهڻ جي باوجود سڄي رات (عبادت جي لاءِ) جاڳندا هئا ۽ توهان تندرست رهي به ستل رهو ٿا۔ اهي درست راھ تي هلندا هئا ۽ توهان غضب جي رستن تي ڀڄندا وتو پيا۔ (حدائق الاولياء،۲ /۲۲۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي اڄ اسان جي عملي حالت نهايت خراب ٿي چڪي آهي خوفِ خدا اسان جي دلين مان ختم ٿي چڪو آهي ۽ اسان پنهنجن بزرگن جي طريقن کان بلڪل پري ٿيندا پيا وڃون۔ اهو ئي سبب آهي ته اڄ عورتن جي آزادي ۽ عورتن کي مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ جي نعري اسان جي نوجوان نسل کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي۔ فيشن پرستي ۽ بي