Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

ڪري سندنعَلَيۡهِ السَّلَام ڏانهن رواني ٿي۔ جڏهن اها حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي درٻار جي ويجھو پهتي ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي درٻارين مان پنهنجي هڪ وزير حضرت آصف بن برخيا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان اک ڇنڀ کان پهريان ان جو تخت گھرايو. (معالم التنزيل، ۳/ ۳۵۹ ، ۳۶۰، ملتقطاً) ۽ پنهنجي خادمن کي حڪم ڏنائون ته ملڪه جي تخت جي شڪل ۽ صورت کي تبديل ڪيو وڃي، ته جيئن اسان ڏسون ته اها پنهنجي تخت کي سڃاڻي سگھي ٿي يا نه۔ جڏهن ملڪه بلقيس حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي درٻار ۾ آئي ته ان کان پڇيو ويو: ڇا تنهنجو تخت اهڙو ئي آهي؟ ان جواب ڏنو: ڄڻ ته اهو ئي آهي۔ ان کي ٻڌايو ويو ته هي تنهنجو ئي تخت آهي۔ پوءِ ان کي چيو ويو ته صحن (اڱڻ) ۾ اچ، اهو صحن شفاف شيشي جو ٺهيل هو ان جي هيٺان پاڻي وهي رهيو هو ۽ پاڻي ۾ مڇيون تري رهيون هيون ۽ ان صحن جي وچ ۾ حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي تخت تي تشريف فرما هئا۔ ملڪه جڏهن ان صحن کي ڏٺو ته ان سمجھيو ته پاڻي وهي رهيو آهي، حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي فرمايائون: اهو پاڻي نه بلڪ اهو ته شيشي سان ٺهيل هڪ صحن آهي۔ اهو ٻڌي ملڪه بلقيس حيران رهجي وئي ۽ ان يقين ڪري ورتو ته حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جو ملڪ ۽ حڪومت الله پاڪ جي طرفان آهي، جڏهن حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي دعوتِ اسلام ڏني ته ان الله پاڪ جي وحدانيت جو اقرار ڪندي اسلام قبول ڪري ورتو ۽ سج جي عبادت کي ڇڏي الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ شروع ڪري ڏني۔

(معالم التنزيل، ۳/ ۳۶۰،۳۶۱ملتقطاً)

نيڪي جي دعوت ۾ حڪمتِ عملي جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته ڪيتري دلڪش انداز ۾ حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام مُلڪِ سبا جي غير مسلمه ملڪه بلقيس تائين دين جو پيغام پهچايو۔ يقيناً هي پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي حڪمت سان ڀرپور پُراثر نيڪي جي دعوت جو اثر هو ته ملڪه بلقيس الله ڪريم جي وحدانيت جو اقرار ڪندي اسلام قبول ڪري ورتو۔ هن واقعي مان اهو به معلوم ٿيو ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾