Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ هي اهو بنيادي مقصد آهي جنهن جي تڪميل جي لاءِ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام هن ڪائنات ۾ تشريف فرما ٿيا، قرآنِ پاڪ جي سوره انبياء ۾ حضرت موسيٰ، حضرت هارون، حضرت ابراهيم، حضرت لوط، حضرت اسحاق، حضرت يعقوب، حضرت نوح، حضرت داؤد، حضرت سليمان، حضرت ايوب، حضرت اسماعيل، حضرت ادريس، حضرت ذوالڪفل، حضرت يونس، حضرت زڪريا، حضرت يحييٰ ۽ حضرت عيسيٰ عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جا واقعا بيان ڪيا ويا آهن۔ ۽ هنن سمورن واقعن کي بيان ڪرڻ کان پوءِ فرمايو ويو ته سڀني انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جو اهو ئي هڪ مقصد هو ته اهي مخلوق کي الله پاڪ جي عبادت جي دعوت ڏين۔ (صراط الجنان، ۶/۲۷۷ملخّصاً) ۽ امام الانبياء، ٻن جھانن جي داتا آقا ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جو عظيم منصب (Status) کڻي هن دنيا ۾ جلوه افروز ٿيا۔ اڄ جتي ڪٿي دين جي روشن شعائن سان جهان روشن ٿي رهيو آهي اهو سڀ اسان جي آقا، مڪي

 مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏنل نيڪي جي دعوت جو صدقو آهي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ئي بي پناھ محنتن ۽ لازوال ڪوششن سان دين جو جھنڊو هر پاسي لهرايو ويو۔ اچو ته! آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي هڪ ايمان تازو ڪندڙ جھلڪ ٻڌون ٿا۔

طائف ۾ نيڪي جي دعوت

جڏهن سَرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن طائف وارن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ ”طائف“ جو سفر فرمايو ته حضرت سَيدُنا زيد بن حارثه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سان گڏ هئا۔ طائف ۾ وڏا وڏا امير ۽ مالدار ماڻهون رہندا هئا۔ انهن رئيسن ۾ ”عَمۡرو“ جو خاندان تمام قَبيلن جو سردار شُمار ڪيو ويندو هو۔