Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

تائين دعوت ڏيندا رهيا ۽ قوم پنهنجي سرڪشي کان نه مڙي ته حضرت نوح عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجي ڪوشش ۽ قوم جي ضد جي باري ۾ عرض ڪيو ۽ ڪافرن جي تباهي ۽ بربادي جي دعا گھري۔ الله پاڪ ان قوم جي ڪافرن تي طوفان (Storm) جو عذاب موڪليو ۽ اهي ماڻهو ٻڏي هلاڪ ٿي ويا۔ قرآنِ پاڪ ۾ پاڻ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي تبليغ جي واقعن کي ڪيترن ئي  هنڌن تي ڪافي تفصيل سان بيان فرمايو ويو آهي۔  (عجائب القرآن،۳۱۱ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته انبياءِ ڪرام مان حضرت سيدنا نوح عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام تبليغ دوران ڪيتريون مشقتون برداشت ڪيون، پر پوءِ به نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي اهم فريضي کي نه ڇڏيائون۔ اها حقيقت آهي ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن کي وڏي مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، پر جڏهن ماڻهو هن راھ ۾ مستقل مزاجي سان ثابت قدمي اختيار ڪري صبر ۽ تحمل سان هن اهم فريضي کي انجام ڏيندو آهي ته الله پاڪ غيب مان ان جي ڪاميابي (Success) جو سامان پيدا ڪندو آهي۔ اهو مُقَلِّبُ القُلُوب (يعني دلين کي بدلڻ وارو) ۽ هادي (يعني هدايت ڏيڻ وارو) آهي، اهو گھڙي کن ۾ ماڻهن جي دلين کي بدلي ڇڏيندو آهي ۽ انهن جي دلين ۾ هدايت جو نور پيدا فرمائي ڇڏيندو آهي۔ سمورن نبين سڳورن عَلَيۡهِم السَّلَام  پنهنجين قومن کي نيڪي جي دعوت پيش ڪئي، انهن کي پياري الله پاڪ جي وحدانيت جو يقين ڏياريو ۽ باطل معبودنجي عبادت ڪرڻ بدران الله پاڪ جي عبادت ڏانهن گُهرايو ته انهن مان ڪجھ ماڻهن انهن تي ايمان آندو ۽ اڪثر انهن جي دعوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر انهن نبين سڳورن عَلَيۡهِم السَّلَام  به پنهنجي ڪوشش جاري رکندي ان فريضي کي نڀائڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي۔ اچو ته! هاڻي حضرت سيدنا موسي عَلَيۡهِ السَّلَام جي نيڪي جي دعوت جو واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي نيڪي جي دعوت