Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

پنهنجو گھڻو وَقت مسجد ۾ گذارڻ جي به ڇا خوب فضيلت آهي

حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدرِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نُـبُوّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن شخص ڪي ڏسو ته هو مسجد ۾ ڪثرت سان اچ وڃ رکڻ وارو آهي ته ان جي اِيمان جي گواهي ڏيو ڇوته الله عَزَّوَجَلَّ سيپاري 10، سُورَةالتَّوْبَه آيت نمبر 18 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّمَا یَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ اَقَامَ الصَّلٰوةَ وَ اٰتَى الزَّكٰوةَ (پ ۱۰ ،التوبه :۱۸)  

ترجموڪنز الايمان: الله جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي الله ۽ قِيامَت تي اِيمان رکندا ۽ نماز قائم ڪندا آهِن ۽ زڪوات ڏيندا آهِن

(ترمذي ، ڪتاب الايمان ، با ب ماجا ء في حرمۃ الصلوۃ ،۴/۲۸۰،رقم: ۲۶۲۶)

اچو! ترغيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا،

مان پتنگ بازي جو شوقين هئس!

بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ خُوش قسمتي سان مدني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ جي اِنفِرادي ڪوشِش سان رَمَضانُ المُبَارَڪ جو

 اعتڪاف ڪيو، اتي ان کي گھڻو سُڪون مليو۔ ان جي مسجِد جي مُؤَذِّن صاحِب اِنفِرادي ڪوشِش ڪري اُن کي عالَمي مَدَني مرڪز فَيضانِ مدينه (باب المدينه ڪراچي)  جي هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ وٺي آيو۔ هڪ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي سُنّتن ڀريو بَيان ڪري رهيو هو، مُبَلِّغ جي چهري جي ڪشِش ۽ نُورانيت ان جي دل کٽي ورتي ۽ هو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  ۽ هڪ مُٺ ڏاڙھي به سجائي ورتي آهي۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر                             گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                                  گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ                                               تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول