Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

ادب ۽ احترام سان بيهي محفل ميلاد ۾ شريڪ هو، جڏهن ڪنهن سڄي محفل بيهي ٻڌڻ جو سبب پڇو ته ان ٻڌايو ته هو نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪرِ خير ٻڌڻ وقت تعظيم طور بيهڻ کي بدعتِ سيئه (برو عمل) سمجھندو هيو۔ هڪ ڏينهن خواب ۾ ڏٺو ته هو هڪ تمام وڏي اجتماع ۾ شريڪ آهي ۽ ماڻهو نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ بيٺا آهن، جڏهن نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد ٿي ته تمام ماڻهن اِنتهائي ادب ۽ اِحتِرام سان حُضُور جو استقبال ڪيو، پر اهو سندن جي تعظيم ۾ بيٺو نه هو، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي فرمايو: ”تون هاڻي بيهي نه سگھندين“جڏهن ان جي اک کلي ته ان ڏٺو ته اهو ان وقت به ويٺل آهي۔ ان پريشاني ۾ هڪ سال گُذري ويو پر اهو بيهي نه سگھيو، آخرڪار ان اها باس باسي ته جيڪڏهن الله پاڪ مون کي ان مرض کان شفاياب فرمايو ته مان محفلِ ميلاد شُروع کان آخر تائين بيهي ٻڌندس۔ ان باس جي برڪت سان الله پاڪ ان کي صحت عطا فرمائي، هاڻي ان جو اهو معمول بڻجي ويو ته هو سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۾ سڄي محفل بيهي ٻڌندو آهي۔ (الاعلام بفتاوي ائمۃ الاسلام حول مولده عليه السلام ص ۹۴)

تِرا نام لے کر جو مانگے وہ پائے                            ترا نام لیوا ہے پیارا خدا کا

تِرے رُتبہ میں جس نے چُون و چَرا  کی                   نہ سمجھا وہ بدبخت رُتبہ خدا کا

 (ذوقِ نعت،ص۵۸۔۵۷)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ سيپاري 26 سورة فتح جي آيت نمبر9 ۾ فرمائي ٿو:   

وَ تُعَزِّرُوْهُ وَ تُوَقِّرُوْهُؕ      ترجمو ڪنزالايمان:۽ رسول جي تعظيم ۽ احترام ڪريو. (پ۲۶،الفتح:۹)

تفصيرِ صراط الجنان ۾ هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان لکيل آهي: معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حضور پرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي تعظيم ۽ توقير