Achi Aur Buri Mout

Book Name:Achi Aur Buri Mout

مهربان، رحم فرمائڻ وارو آهي۔

          ها! ها...!! بيشڪ الله پاڪ وڏو مهربان آهي، بيشڪ الله پاڪ گھڻو رحم ڪندڙ آهي، پر ياد رکو! الله پاڪ ئي جو فرمان آهي:

اِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِیْدٌؕ(۱۲)  (پاره30،سورةالبروج:12)        

ترجموڪنزالايمان: بيشڪ تنهنجي ربّ جي گرفت ڏاڍي سخت آهي.

ها! ها! اهو فرمان به الله رحمٰن ۽ رحيم ئي جو آهي ته

اِعْلَمُوْۤا اَنَّ اللّٰهَ شَدِیْدُ الْعِقَابِ وَ اَنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌؕ(۹۸)                                       (پاره7،سورةالمائدة:98) 

ترجموڪنزالايمان: يقين رکو ته الله جو عذاب سخت آهي ۽ بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي.

۽ اهو به اُنهيء رحمٰن ۽ مهربان رَبّ فرمايو آهي ته

اِنَّ رَحْمَتَ اللّٰهِ قَرِیْبٌ مِّنَ الْمُحْسِنِیْنَ(۵۶)  (پاره8،سورةالاعراف:56)                         

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ الله جي رحمت نيڪن جي قريب آهي.

  والِدِ اعليٰ حضرت مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪجھ فرمانن جو خلاصو آهي: فُضُوليات ۾ زِندگي جا قيمتي لمحا گذارڻ ۽ آخرت ۾ انعامن جي اُمِّيد رکڻ، گُنَاھ ڪرڻ ۽ نجات جي آس رکڻ چريائپ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ جيتوڻيڪ الله پاڪ جي رحمت ۽ عنايت نه ٿئي ته ڪو عَمَل ڪم ناهي ايندو پر الله پاڪ جي رحمت ۽ عِنَايت ٿيندي اُن تي آهي جيڪو نيڪ عمل ڪندو آهي، جيڪو اڄ دوزَخ ڏانهن هلندو آهي، دوزَخ جي ويجھو ٿيندو آهي ۽ جنَّت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن کان پري رهندو آهي، سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن جنت ڏانهن وڃڻ چاهيندو، وڃڻ نه ڏنو ويندو، ان وقت پنهنجي ناداني کي مڃي وٺندو ۽ ان