Achi Aur Buri Mout

Book Name:Achi Aur Buri Mout

بس اب اپنے اس جہل سے تُو نکل بھی               یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے

یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

* اهڙي طرح اسان کي اها خبر به آهي، مڃون به ٿا ته مَوت سببن جو محتاج نه آهي، موت ته الله پاڪ جي حڪم سان ايندو آهي، موت حادثاتي ناهي، اسان پنهنجي خيال مطابق ڏسون ته موت اوچتو ايندو آهي، چڱي ڀلي ماڻهو کي ويٺي ويٺي Heart attack (هارٽ اٽيڪ) ٿيندو آهي ۽ هو موت جو شڪار ٿي ويندو آهي، سفر دوران اوچتو ايڪسيڊنٽ (Accident) ٿيندو آهي ۽ انسان موت جي آغوش ۾ پهچي ويندو آهي، اهو اوچتو موت ئي آهي پر موت جو هيئن اوچتو اچڻ اسان جي خيال مطابق آهي، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اسان جي موت جو وقت، اسان جي پيدائش کان به پهريان جو مقرر ٿيل آهي، ڪنهن کي، ڪهڙي سال، ڪهڙي مهيني، ڪهڙي ڏينهن، ڪهڙي وقت، ڪهڙي لمحي، ڪهڙي حال ۾، ڪٿي موت اچڻو آهي، الله پاڪ وٽ اهو سڀ ڪجھ طئي آهي، اسان کي اها خبر به آهي، مڃون به ٿا، جڏهن ڪٿي تعزيت جي لاءِ وڃڻ ٿيندو آهي ته اسان پاڻ پنهنجي زبان ئي سان چئي رهيا هوندا آهيون: جيڪو الله پاڪ جو حڪم، جيئن الله پاڪ جي مرضِي، ايندڙ موت کي ڪير ٽاري سگھي ٿو، سڀني کي واري واري سان هن دُنيا مان وڃڻو ئي آهي وغيره وغيره۔ ان جي باوُجُود اسان پاڻ کي ڪوڙا دلاسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، مثال طور؛ فُلاڻي جو ڪوليسٽرول (Cholesterol) وڌيل هو، فلاڻي کي شوگر (Sugar) هئي، فُلاڻو بيمار رهندو هو، مون کي ته اهڙو ڪو مسئلو نه آهي، فُلاڻو گاڏي گھڻي تيز هلائيندو هو، ان ڪري ان جو حادِثو (Accident) ٿي ويو، مان ته وڏي احتياط