Book Name:Achi Aur Buri Mout
سان گاڏي هلايان ٿو، وغيره وغيره۔
افسوس! موت صِرف پوڙهن جي لاءِ نه آهي، موت جوانن، بلڪه ٻارن کي به ايندو آهي، موت صِرف بيمارن جي لاءِ نه آهي، موت چڱن ڀلن کي به ايندو آهي، موت صِرف ڪمزورن جي لاءِ نه آهي، موت پهلوانن کي به ايندو آهي، موت صِرف غريبن جي لاءِ نه آهي، موت اميرن کي به ايندو آهي
موت آئی پہلواں بھی چل دئیے خوبصورت نوجواں بھی چل دئیے
نَرْم بستر گھر پہ ہی رِہ جائیں گے تجھ کو فرشِ خاک پر دفنائیں گے
گھپ اندھیری قبر میں جب جائے گا بےعمل! بے انتہا گھبرائے گا
کام مال و زَرْ نہیں کچھ آئے گا غافِل انساں! یاد رکھ! پچھتائے گا
کھلکھلا کر ہنس رہا ہے بےخبر! قبر میں روئے گا چیخیں مار کر
کر لے توبہ رَبّ کی رحمت ہے بڑی قبر میں ورنہ سزا ہو گی کڑی
(وسائل بخشش، صفحہ:711-712)
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
* اي عاشقانِ رسول! هر مسلمان ڄاڻي ٿو، مڃي ٿو ۽ دِل سان يقين رکي ٿو ته موت اچڻ سان قصو ختم ناهي ٿي ويندو، بلڪه موت کان بعد به زِندگي آهي، جڏهن اسان کي قبر ۾ لاٿو ويندو ته قبر ۾ نڪيرين (سُوال پڇڻ وارا ملائڪ) به ايندا، اسان کان قبر ۾ سُوال پڻ ٿيندا، پوءِ حَشَر ۾ به اُٿاريو ويندو، جتي اسان کان هڪ هڪ نعمت جي باري ۾ سُوال ٿيندو۔ اسان کي اها سڀ خبر آهي پر هاءِ غفلت...!! اسان اهو سڀ ڄاڻڻ باوجود به اڻ ڄاڻ ٿي غفلت جو شِڪار رهون ٿا۔ اَفسوس! ڏينهن رات گُنَاهن جو سلسلو جاري آهي، ان جي باوُجود نهايت بيباڪي سان چئون ٿا: مولانا! جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو...! الله پاڪ وڏو