Achi Aur Buri Mout

Book Name:Achi Aur Buri Mout

گُنَاهن کان توبه ڪري، نيڪيون ڪرڻ ۽ موت کان پوءِ واري زِندگي جي لاءِ تياري شروع ڪرڻ گھرجي، ڇوته جيڪو نيڪين ۾ مَصرُوف رهي، موت ۽ قبر وآخرت جي مُعَاملن کان ڊڄندو رهي، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي راضِي ڪرڻ جي هر وقت ڪوشش ڪندو رهي، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! اُن جي چڱي حال ۾ موت اچڻ، قبر ۽ آخرت جي مُعَاملن ۾ آساني ٿيڻ ۽ الله پاڪ جي رحمت، ان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت سان آخرت ۾ نجات ماڻي جنّت ۾ پهچڻ جي وڏي اُمِّيد آهي۔ الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايو:

اِنَّ الَّذِیْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوْا تَتَنَزَّلُ عَلَیْهِمُ الْمَلٰٓىٕكَةُ اَلَّا تَخَافُوْا وَ لَا تَحْزَنُوْا وَ اَبْشِرُوْا بِالْجَنَّةِ الَّتِیْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ(۳۰) (پاره24،سورةحم السجدة:30)                                                                                                    

ترجموڪنزالايمان: بيشڪ اهي جن چيو اسان جو ربّ الله آهي پوءِ ان تي قائم رهيا انهن تي ملائڪ لهندا آهن هي ته نه ڊڄو ۽ نه غمگين ٿيو ۽ توهان کي خوشخبري هجي جنت جي جنهن جو توهان سان واعدو ڪيو ٿي ويو.

 اِبنِ عَسَاڪر جي رِوايت آهي ته جڏهن حضرت ابو عبد الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي والِدِ محترم جي وفات ٿي، ان کي غسل ڏيڻ جي لاءِ تخت تي ليٽايو ويو ته هو کلڻ لڳا، ماڻهن کي شڪ ٿيو ته شايد هو زِندھ آهن، ان ڪري ڊاڪٽر کي گھرايو ويو، ان خوب چڱي نموني مُعائِنو ڪري ٻڌايو: هي واقعي وفات ڪري ويا آهن۔ پوءِ ان کي ٻيهر تخت تي ليٽائي غسل ڏيڻ لڳا ته هو ٻيهر کلڻ لڳا، ڪيئي ڀيرا ايئن ٿيو، نيٺ مشهور باڪرامت ولي، حضرت فضل حُسَين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي غسل ڏنو ۽ نمازِ جنازه پڙھي دَفن ڪيو ويو۔ (شرحُ الصُّدُور، صفحہ:156)

حضرت ثابِت بُنَاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه روزانو هڪ ڀيرو قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا۔