Book Name:Achi Aur Buri Mout
فرمايو: چار ماڻهو اهڙا آهن جو اهي جهنمين جي تڪليف ۾ اضافي جو سبب ٿيندا ۽ اهي ٽهڪندڙ پاڻي ۽ باھ جي وچ ۾ ڊُڪندي هلاڪت ۽ تباهي گھري رهيا هوندا، انهن مان هڪ تي ٽانڊن جو صندوق لٽڪي رهيو هوندو، ٻيو پنهنجا آنڊا ڇڪي رهيو هوندو، ٽئين جي وات مان پونء ۽ رت وهي رهيو هوندو ۽ چوٿون پنهنجو گوشت کائي رهيو هوندو۔ انهن مان پهريون شخص جنهن جي مٿي تي ٽانڊن جو صندوق لٽڪي رهيو هوندو، ان جي باري ۾ جهنمي چوندا: هن بدبخت کي ڇا ٿيو؟ هن ته اسان جي تڪليف ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، اهو بدنصيب شخص جواب ڏيندو: مان هن حال ۾ مُئو هئس جو منهنجي ڪلهن تي ماڻهن جي مال جو بار (يعني قرض) هو۔ ٻيو شخص جيڪو پنهنجي آنڊن کي ڇڪيندو هوندو، ان جي باري ۾ جهنمي چوندا: هن بدبخت جو ڇا معاملو آهي جو هي به اسان جي تڪليف کي وڌائي پيو؟ اهو بدنصيب چوندو: مان ڪپڙن کي پيشاب کان بچائڻ جي پرواه نه ڪندو هئس۔
اهڙي طرح جهنمي ٽئين شخص جي باري ۾ ڳالھ ڪندا، هي اهو شخص آهي جنهن جي وات مان رت ۽ پونء وهي رهيو هوندو، اهو چوندو: مان بُري ڳالهين ڏانهن متوجھ ٿي مزو وٺندو هئس۔ چوٿون شخص جيڪو پنهنجو گوشت کائي رهيو هوندو، هو چوندو: مان غيبت ڪري ماڻهن جو گوشت کائيندو هئس ۽ چغلي هڻندو هئس۔ (حلیۃ الاولیاء، جلد:5، صفحہ:190، رقم:6786)
نفس یہ کیا ظُلْم ہے، جب دیکھو تازہ جُرْم ہے ناتواں کے سَر پہ اتنا بوجھ بھاری واہ واہ
يعني اي نفس! اهو ڪهڙو ظُلم ڪرين ٿو جو هر وقت گُنَاهن ۾ مَصرُوف رهين ٿو، مان ڪمزور ۽ هيڻو آهيان، تون مون تي ايترو بار وجھندو پيو وڃين..!!
اي عاشقانِ رسول ! موت ڪنهن به وقت اچي سگھي ٿو، تنهنڪري يڪدم