Achi Aur Buri Mout

Book Name:Achi Aur Buri Mout

ڪرڻ وارا ۽ خوب دِل کولي گُنَاهن جو بازار گرم ڪرڻ وارا غور ڪن؛ الله نه ڪري، الله نه ڪري، الله نه ڪري! جيڪڏهن انهيء حال ۾، بنا توبه جي، گُنَاھ ڪندي ئي موت اچي ويو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ هاءِ! وڏو ڏکيو معاملو هوندو...؟؟ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

قَدْ خَسِرَ الَّذِیْنَ كَذَّبُوْا بِلِقَآءِ اللّٰهِؕ-حَتّٰۤى اِذَا جَآءَتْهُمُ السَّاعَةُ بَغْتَةً قَالُوْا یٰحَسْرَتَنَا عَلٰى مَا فَرَّطْنَا فِیْهَاۙ-وَ هُمْ یَحْمِلُوْنَ اَوْزَارَهُمْ عَلٰى ظُهُوْرِهِمْؕ-اَلَا سَآءَ مَا یَزِرُوْنَ(۳۱)  (پاره7،سورةالانعام:31)

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ گهاٽي ۾ رهيا اهي جن پنهنجي رب سان ملڻ جو انڪار ڪيو، تان جو مٿن قيامت اوچتو اچي وئي، چوڻ لڳا هاءِ افسوس اسان جو ان تي جو ان جي مڃڻ ۾ اسان ڪوتاهي ڪئي  ۽ اهي پنهنجو بار پنهنجي پُٺيءَ تي ڍوئيندا هوندا، ٻڌو ڪيڏو خراب بار کنيو بيٺا آهن.

 حديث شريف ۾ آهي ته ڪافر جڏهن پنهنجي قبر مان نڪرندو ته ان جي سامهون نهايت ڀيانڪ ۽ گھڻي بدبودار شڪل ايندي، هوءَ چوندي: تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ ڪافر چوندو: نه۔ اها ڀيانڪ شڪل چوندي: مان تنهنجو خبيث عمل آهيان، دنيا ۾ تون مون تي سوار رهين، اڄ مان تو تي سوار ٿي ويندس ۽ تو کي مخلوق ۾ رُسوا ڪندس، پوءِ هو ان تي سوار ٿي ويندو۔ (تفسیر طبری، پارہ:7، سورۂ اَنْعَام، زیرِ آیت:31، جلد:5، صفحہ:178)

عالم سڳورا فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن ڪافر جو ته اهو حال هوندو جڏهن ته دنيا ۾ ڪيل بُرا عمل مسلمان جي لاءِ به اُخروي نقصان جو سبب بڻجي سگھن ٿا، حديثِ پاڪ ۾ آهي: رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن