Book Name:Achi Aur Buri Mout
ڪم وبيش موت جي مُعَاملي ۾ اسان جو به ڪجھ اهڙو ئي حال آهي. موت بابت ٽي ڳالهيون آهن، ان باري ۾ اسان کي خبر به آهي، مڃون به ٿا ۽ دِل سان انهن تي يقين به رکون ٿا، پوءِ به اَڪثَر ماڻهو ان کان غفلت ڪن ٿا۔
* اسان يقين رکون ٿا ته موت هر هڪ کي ايندو، ڪو امير آهي يا غريب، فقير آهي يا بادشاھ، ڪو نيڪ آهي يا گنهگار، تهجد گذار آهي يا نمازن ۾ سستي جو شِڪار، ڪو عهديدار آهي يا بي روز گار، مطلب؛ هر هڪ کي موت اچڻو ئي اچڻو آهي، ڪو به موت کان بچي نٿو سگھي، ايستائين جو انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جي بارگاهن ۾ به موت آيو، ها! انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جي ۽ اسان جي موت ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، سيدي اعليٰ حضرت اِمامِ اهلسنت مولانا شاھ اِمام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:
انبیاء کو بھی اَجَل آنی ہے مگر ایسی کہ فَقط آنی ہے
(حَدائقِ بخشش، صفحہ:372)
يعني يقيناً انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جي بارگاھ ۾ به موت حاضِري ڏني پر اُنهن جو موت فقط گھڙي کن لاءِ آهي، ان کان پوءِ انهن کي پهريان جيان ئي زِندگي عطا ڪئي ويندي آهي۔ قرآنِ مجيد ۾ ڪيئي ڀيرا ارشاد ٿيو:
كُلُّ نَفْسٍ ذَآىٕقَةُ الْمَوْتِ- (پاره21،سورۂ عنڪبوت:57)
ترجمو ڪنزالايمان: هر ساھ کي موت جو ذائقو چکڻو آهي.
اها ڳالھ اسان کي خبر آهي، مڃون ٿا، دِل سان ان تي يقين به رکون ٿا پر اسان جي جيئڻ جو انداز اهڙو آهي جو جيئن اسان کي هميشه ئي هن دُنيا ۾ رهڻو آهي۔ امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڀيري مُلڪ رُوم ويا، اتي پاڻ هڪ عجيب منظر ڏٺائون؛ جھنگ ۾ هڪ هنڌ اعليٰ قسم جي ريشمي ڪپڙن جو