Book Name:Achi Aur Buri Mout
خوبصورت خيمو ٺهيل آهي ۽ خيمي جي آس پاس هٿيار بند فوجي بيٺل آهن، انهن فوجين پنهنجي زبان ۾ ڪجھ چيو ۽ هليا ويا، پوءِ مُلڪ جا وڏا وڏا عالم ۽ مشائخ آيا، اهي به خيمي وٽ بيهي ڪجھ چئي هليا ويا، پوءِ مُلڪ جا وڏا وڏا حڪيم، طبيب ۽ ڊاڪٽر اتي پهتا، انهن به خيمي جي پاسي ۾ بيهي ڪجھ چيو، پوءِ اهي هليا ويا، پوءِ بادشاھ ۽ وزير آيا، اهي به ڪجھ دير خيمي وٽ ترسيا، وري ڪجھ چئي هليا ويا، امامِ حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اهو ڏسي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، مون ڪنهن کان پڇا ڪئي ته اهو ڇا مُعَاملو آهي؟ ته ٻڌائڻ واري ٻڌايو: بادشاھ جو هڪ خوبصورت، نوجوان پُٽ هو، اهو فوت ٿي ويو، اهو هن خيمي ۾ دفن ٿيل آهي، هر سال جڏهن ان جي وفات جو ڏينهن ايندو آهي ته سڀئي اهڙي طرح هتي گڏ ٿيندا آهن، پهريان فوجي خيمي وٽ اچي چوندا آهن: اي بادشاھ جا پٽ! جيڪڏهن جنگ جي ذريعي موت کي ٽاري سگھجي ها ته اسان پنهنجي جان قربان ڪري توکي بچائي وٺون ها، پوءِ عالم سڳورن اچي چيو: اي بادشاھ جا پٽ! جيڪر علم جي ذريعي موت کي روڪي سگھجي ها ته اسان ضرور توکي بچائي وٺون ها، پوءِ ڊاڪٽر اچي چيو: اي بادشاھ جا پٽ! جيڪڏهن موت جو ڪو عِلاج ممڪن هجي ها ته اسان ضرور تنهنجو علاج ڪيون ها، آخر ۾ بادشاھ ۽ وزير اچي چوندا آهن: پٽ! اسان توکي بچائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي پر موت کي ڪير ٽاري سگھي ٿو؟ هاڻي آئنده سال تائين تو تي اسان جو سلام هجي۔
امام حَسَن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اهو ٻڌي پڪي نيت ڪئي ته هاڻي سڄي زِندگي ڪونه کلندس ۽ جيستائين دُنيا ۾ آهيان فڪرِ آخرت ئي ۾ مَصرُوف رهندس۔ (تذکرۃُ الْاَوْلیَاء، صفحہ:17)
وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اجل بھی