Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

  حضرت شيخ ابو الحسن شَعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت منصور بن عمّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي وفات کان بعد مون خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو: مَافَعَلَ اللّٰہُ بِکَ يعني الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ جواب ڏنائون: منهنجي ربَّ ڪريم مون کي فرمايو: تون منصور بن عمّار آهين؟ مون عرض ڪيو: جي ها ربَّ العالمين! پوءِ فرمايو: تون ئي آهين جيڪو ماڻهن کي دنيا کان بي رغبتي جي ترغيب ڏيندو آهين ۽ پاڻ دنيا جي طرف راغِب (يعني مائل) هئين؟ مون عرض ڪيو: اي الله پاڪ! بيشڪ ڳالھ ته اها ئي آهي پر  جڏهن به مون ڪنهن اجتماع ۾ بيان شروع ڪيو ته پهريان تنهنجي حمد ۽ ثنا ڪئي، ان کان بعد تنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درودِ پاڪ پڙهيو، پوءِ ان کان بعد تنهنجي ٻانهن کي وعظ ۽ نصيحت ڪئي. منهنجي ان عرض ڪرڻ تي الله پاڪ جي رحمت جوش ۾ آئي ۽ ارشاد ٿيو: اي فرشتؤ! هن جي لاءِ  آسمانن ۾ ڪرسي وڇايو ته جيئن جهڙي طرح هي منهنجي زمين ۾ منهنجي ٻانهن جي سامهون منهنجي بزرگي بيان ڪندو هو منهنجي آسمانن ۾ هي منهنجي فرشتن جي سامهون منهنجي عظمت بيان ڪري. رسالہ قشیریہ، صفحہ:48(

ہوں درود و سلام آقا لب پر مُدام                                            ہر گھڑی  دَم  بَدَم،  تاجدارِ  حرم

)وسائلِ بخشش، صفحہ:49(

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد