Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat
موسم تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. بَس اي جنّؤ...!! اي انسانؤ...!!
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّکُمَا تُکَذِّبٰنِ (۱۸) (سيپارو: 27، سورة رحمٰن: آيت: 18)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ توهان ٻئي پنهنجي ربّ جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟
ہر شے سے ہیں عیاں مِرے صانع کی صنعتیں عالَم سب آئنوں میں ہے آئینہ ساز کا
اَفلاک و اَرض سب ترے فرماں پذیر ہیں حاکم ہے تُو جہاں کے نَشیب و فَراز کا
مشڪل الفاظن جي معنٰي: عيان: ظاهر، صانع: بڻائڻ وارو، فرمان پذير:فرمانبردار
سردي جي موسم ۽ عبرت ۽ نصيحت جا نشان
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان غور ڪيون ته سردي جي موسم جڏهن ايندي آهي ته پاڻ سان گڏ عبرت ۽ نصيحت جو وڏو سامان به آڻيندي آهي.
(1): سردين ۾ گرم لباس الله پاڪ جي نعمت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! سردين ۾ اسان گرم لباس (جرسي، سويٽر، شالز وغيره) پهريندا آهيون، هي به الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي. سيپارو: 14، سورة نحل، آيت: 81 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَّ جَعَلَ لَکُمۡ سَرَابِیۡلَ تَقِیۡکُمُ الۡحَرَّ وَ سَرَابِیۡلَ تَقِیۡکُمۡ بَاۡسَکُمۡ ؕ کَذٰلِکَ یُتِمُّ نِعۡمَتَہٗ عَلَیۡکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تُسۡلِمُوۡنَ (۸۱)
(سيپارو: 14، سورة نحل، آيت: 81)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ توهان جي لاءِ ڪجھ پائڻ جون پوشاڪون بڻايون جيڪي توهان کي گرمي کان بچائن ۽ ڪجھ پوشاڪون ٺاهيون جيڪي جنگ ۾ توهان جي حفاظت ڪن ٿيون. الله اهڙيءَ طرح توهان تي پنهنجي نعمت پوري فرمائيندو آهي ته جيئن توهان اسلام آڻيو.