Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat
رسول حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ان شيءِ جي باري ۾ ٻڌايو جنهن تي عمل ڪري مان جنّت کي ماڻي سگهان. فرمايائون: کاڌو کاراءِ، سلام کي عام ڪر ۽ صلهءِ رحمي ڪر ۽ رات ۾ جڏهن ماڻهو سمهي رهيا هجن ته (نفلي) نماز پڙھ، تون سلامتيءَ سان جنّت ۾ داخل ٿي ويندي. )مسند امام احمد، جلد:4، صفحہ:209، حدیث:8152(
مختصر سی زندگی ہے بھائیو! نیکیاں کیجے ، نہ غفلت کیجئے
الله پاڪ جي ولي حضرت عامر بن عبدُ القيس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو انتقال هنن ڪلمات کي پڙهندي ٿيو: مان موت جي خوف يا دنيا جي محبت ۾ نه روئي رهيو آهيان، بلڪه مان هن خيال ۾ روئي رهيو آهيان ته مان هاڻي فوت ٿي رهيو آهيان هاڻي گرمين جي روزن ۾ منجهند جي اُڃ ۽ سردين جي وڏين راتين ۾ قيامُ الليل (رات جي عبادت) جي لذت مون کي ڪڏهن ۽ ڪيئن نصيب ٿيندي؟
)احیاء العلوم،کتاب :ذکر الموت و ما بعدہ ،باب:الخامس،جلد:4،صفحہ:583(
اي عاشقانِ رسول! سردين ۾ خاص ڪري فجر ۽ عشاء جي نماز نفسِ اماره تي مشڪل هوندي آهي ۽ افضل عمل اهو آهي جنهن ۾ مشقت وڌيڪ هجي. حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: افضل عمل اهو آهي جنهن تي نفس کي مجبور ڪيو وڃي. (ذم الھوی، الباب: الثالث ،صفحہ:45) حضرت صَفوان بن سُليم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه گرمين ۾ گهر جي اندر ۽ سردين ۾ ڇت تي نماز پڙهندا هئا ته جيئن ننڊ نه اچي. ۽ سندن سجدي جي حالت ۾ انتقال ٿيو.
(احیاء العلوم،کتاب : المراقبۃ و المحاسبۃ ،باب:الخامس،جلد:4،صفحہ:498 مختصرا)
بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدقہ گناہوں سے ہر دم بچا یاالٰہی!
عبادت میں گزرے مری زندگانی کرم ہو کرم یاخدا! یاالٰہی!
)وسائلِ بخشش،صفحہ:105ملتقطًا(