Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat
پوءِ غور فرمايو! هي گرم لباس اسان کي حاصل ڪيئن ٿيندا آهن؟ يا ته چمڙي مان ٺهندا آهن يا اون مان. هي اون ۽ چمڙو ڪٿان ايندو آهي؟ ڍڳي، مينهن، ٻڪري ۽ رڍ وغيره جانورن مان حاصل ٿيندو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ الۡاَنۡعَامَ خَلَقَہَا ۚ لَکُمۡ فِیۡہَا دِفۡءٌ وَّ مَنَافِعُ وَ مِنۡہَا تَاۡکُلُوۡنَ (۵) (سيپارو: 14، سورة نحل، آيت:5)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ان چوپايا پيدا ڪيا ان ۾ توهان جي لاءِ گرم پوشاڪ ۽ ٻيا کوڙ نفعا آهن ۽ انهن مان توهان (کاڌو) به کائو ٿا.
هو ڪيڏو عظيم ربّ آهي، جنهن دنيا جي سموري مخلوقَ کي اَشْرَفُ الْمَخْلوقات جي فائدي ۾ لڳائي ڇڏيو آهي. هي به اسان جي ربِّ ڪريم جون ڪيڏيون عظيم نعمتون آهن....!!
فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّکُمَا تُکَذِّبٰنِ (۱۸) (سيپارو: 27، سورة رحمٰن: آيت: 18)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ توهان ٻئي پنهنجي ربّ جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟
باه جي پيدائش به نعمت آهي
اسان سردين ۾ گرمائش حاصل ڪرڻ جي لاءِ باھ ٻاريندا آهيون، هي به الله پاڪ جي نعمت آهي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
اَفَرَءَیۡتُمُ النَّارَ الَّتِیۡ تُوۡرُوۡنَ (ؕ۷۱) ءَاَنۡتُمۡ اَنۡشَاۡتُمۡ شَجَرَتَہَاۤ اَمۡ نَحۡنُ الۡمُنۡشِـُٔوۡنَ (۷۲) نَحۡنُ جَعَلۡنٰہَا تَذۡکِرَۃً وَّ مَتَاعًا لِّلۡمُقۡوِیۡنَ(ۚ۷۳) (سيپارو: 27، سورة واقعه: آيت: 71 کان 73)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ ڀلا ٻڌايو ته اها باھ جيڪا توهان روشن ڪريو ٿا ڇا توهان ان جو وڻ پيدا ڪيو يا اسان ئي پيدا ڪرڻ وارا آهيون؟ اسان ان کي يادگار بڻايو ۽ جهنگ ۾ سفر ڪرڻ وارن جي لاءِ فائدي مند بڻايو.