Mosam Sarma Ki Barkat

Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

ان غزوه ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم مديني شريف جي ويجهو خندق (کاهي) کوٽي، ان وقت صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جا مالي حالات ايئن هئا جو هي مقدس حضرات بک جي شدت جي ڪري پيٽ تي پٿر ٻَڌي ڪري سخت سردي ۾ خندق کوٽي رهيا هئا، انهيءَ سخت سردي ۾ صحابه ڪافرن جو مقابلو ڪري رهيا هئا.

   الله اڪبر! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي انهن عظيم قربانين جي سامهون اسان جي معمولي تڪليفن جي ڪهڙي حيثيت آهي...؟ پر هاءِ! اسان جي لاءِ ته فجر پڙهڻ مشڪل هوندو آهي، انهن حضرات کي نه بک جي پرواھ، نه اُڃ جي، نه سردي جو فڪر، نه گرمي جو، بَس فڪر ته هڪڙو ئي هو: ته ڪهڙيءَ طرح الله پاڪ راضي ٿي وڃي، اسان الله پاڪ جي دين جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

ہر صَحابیِ نبی!                      جنَّتی  جنَّتی                            سب صَحابیات بھی!          جنَّتی جنَّتی

چار یارانِ نبی!                    جنَّتی جنَّتی                            حضرتِ صدیق بھی !             جنَّتی جنَّتی

اور عُمرِ فاروق بھی !             جنَّتی جنَّتی                            عُثمانِ غنی!                       جنَّتی جنَّتی

فاطِمہ اور علی!                     جنَّتی جنَّتی                            ہیں حَسَن حُسین بھی !            جنَّتی جنَّتی

والِدَینِ نبی!                       جنَّتی جنَّتی                            ہر زوجۂ نبی!                       جنَّتی جنَّتی

اور ابو سُفیان بھی!              جنَّتی جنَّتی                            ہیں معاویہ بھی!                  جنَّتی      جنَّتی

)وسائلِ فِرْدَوس،صفحہ:53(

پيارا اسلامي ڀائرو! زندگي بي حد مختصر آهي اسان هر وقت موت جي ويجهو ٿيندا پيا وڃون، زندگي جا جيڪي ڪجھ ساھَ باقي آهن انهن کي غنيمت ڄاڻيندي الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ياد ۾ گذاريو، سردي جي تڪليف تي صبر ڪري ثواب ڪمايو جو اَفْضَلُ الْاَعْمَالِ اَحْمَزُہَا (يعني افضل ترين عمل اهو آهي جنهن ۾ تڪليف وڌيڪ هجي) )شرح الطیبی علی مشکاۃ المصابیح،جلد:4،صفحہ:401، تحت الحدیث:2267( خوب عبادت ڪيو، سنّتن تي عمل ڪيو، نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايو،