Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa

مٹ گئے، مٹتے ہیں، مٹ جائیں گے اَعْدا تیرے

نہ   مٹا   ہے   نہ   مٹے   گا   کبھی   چرچا   تیرا([1])

  ۽ سيّدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هڪ هنڌ لکن ٿا؛

وہی دُھوم اُن کی ہے ما شَآءَ اللہ!                                                                                 مٹ گئے آپ مٹانے والے([2])

 بهرحال! جيئن ته انهن آسماني ڪتابن کي تحريف ڪيو ويو آهي، (يعني ماڻهن ان ۾ پنهنجون من پسند ڳالهيون شامل ڪري ڇڏيون آهن) ان ڪري انهن ڪتابن جو پڙهڻ هاڻي صحيح نه آهي.

وڏن وڏن عالمن سڳورن انهن ڪتابن مان محبوب رحٰمن، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون جيڪي نعتون ڪڍي بيان ڪيون آهن ۽ جيڪي روايتن ۾ آيون، اُنهن جي روشني ۾ نعتِ مصطفيٰ اوهان جي سامهون پيش ڪيان ٿو:

هر  گهر جو نُور اسان جو نبي....!!

حضرت سالم بن عبدالله رَضِیَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: (صحابه ڪرام ۽ تابعين جي دور جي ڳالھ آهي) هڪ ڀيرو 2 ماڻهو ويهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا، انهن مان هڪ چيو: مون ڪلھ رات خواب ۾ سڀني نبين جي زيارت ڪئي. ٻئي چيو: پوءِ ٻڌاءِ! تو ڇا ڏٺو؟ هاڻي خواب ڏسڻ واري پنهنجو خواب ٻڌائڻ شروع ڪيو، چوڻ لڳو: مون ڏٺو: هر نبي عَلَيۡهِ السَّلَام سان گڏ چار چار ڏيئا هئا،  هڪ ڏيئو ان جي اڳيان، هڪ ان جي پويان، هڪ سندس ساڄي پاسي، هڪ کاٻي پاسي، پوءِ هر نبي عَلَيۡهِ السَّلَام سان گڏ سندس هڪ صحابي به هو، انهن وٽ به هڪ هڪ چراغ هو. پوءِ مون ڏٺو ته (هڪ عظيم رُتبي وارا) نبي اٿي بيٺا، ته سڄي زمين روشن ٿي وئي، سندن مبارڪ مٿي جي هر وار سان گڏ هڪ ڏيئو هو، سندن صحابي جيڪي ساڻ هئا، انهن وٽ به هڪ هڪ نه بلڪه چار چار ڏيئا هئا، هي منظر


 

 



[1]...حدائقِ  بخشش،صفحہ:29۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:161۔